ڌماڪن سان ڌڏندڙ ملڪ ۽ “بيپرواهه بادشاهه”

0
42
ڀارت طرفان سنڌ طاس پاڻي معاهدي جي معطليءَ جو اعلان

اڃا جعفر ايڪسپريس کي يرغمال بنائڻ واري دهشتگردي عالمي توڙي ملڪي ميڊيا ۾ شهه سُرخي بڻيل هئي ۽ حڪمرانن جي دهمانن جي اڃان ۽ گُونج گُم ئي نه ٿي هئي ته انهن دهمانن تان چٿر ڪندي ڪالهه بلوچستان جي نوشڪي – دالبندين جي شاهراهه تي ايف سي جي قافلي تي ٿيل خودڪش حملي جي نتيجي ۾ 3 ايف سي اهلڪارن سميت 7 ڄڻا شهيد ٿي ويا، جڏهن ته زخمين جو پڻ وڏو تعداد ٻڌايو پيو وڃي. خودڪش حملي جي ذميواري بي ايل اي طرفان قبولڻ جون خبرون آهن. وزيراعظم شهباز شريف، گھرو معاملن جي وفاقي وزير محسن نقوي ۽ بلوچستان جي وڏي وزير طرفان ايف سي جي قافلي تي حملي جي مذمت ڪئي وئي آهي ۽ هميشه وانگر “نه ڇڏينداسين ۽ آخري دهشتگرد کي به نه ڇڏينداسين” جھڙا بيان هن ڀيري پڻ ٻڌڻ ۾ آيا آهن، جن بيانن جو هر ڀيري ورجاءُ ٿيندو رهيو آهي. صرف بلوچستان ئي نه، خيبر پختونخوا ۾ به پشاور، ڪرڪ، بنون، ڊيرا اسماعيل خان، ٽانڪ، ڏکڻ وزيرستان، مهمند ۽ خيبر سميت صوبي جي مختلف هنڌن تي 24 ڪلاڪن ۾ هڪ درجن کان وڌيڪ حملا ڪيا ويا آهن، جن ۾ 4 اهلڪارن سميت 5 ڄڻن جون شهادت جون خبرون آهن. وڌندڙ دهشتگرديءَ جي واقعن تي حڪومت طرفان پارليامينٽ جي قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس سڏائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جنهن بابت اهي خبرون آهن ته اهو اجلاس بند ڪمري ۾ ٿيندو، جيڪو اربع يا خميس تي متوقع آهي. وزيراعظم شهباز شريف، عسڪري قيادت ۽ انٽيليجنس ادارن سربراهه اجلاس ۾ شرڪت ڪندا ۽ عسڪري قيادت بلوچستان ۽ خيبر پختونخوا بابت بريفنگ ڏيندي. اجلاس ۾ بلاول ڀٽو زرداري جي نيشنل ايڪشن پلان جي تجديد واري تجويز جو پڻ جائزو ورتو ويندو.

ملڪ ۾ دهشتگردي ڏينهون ڏينهن وڌندي پئي وڃي ۽ هن ڀيري انهن دهشتگردن حملن جو نشانو سيڪيورٽي فورسز ۽ پوليس جا اهلڪار توڙي ديني عالم ٿي رهيا آهن ۽ عام ماڻهو پڻ وڏي تعداد ۾ نشانو بڻجي رهيا آهن. هڪ طرف دهشتگردي جاري آهي ته ٻئي طرف حڪومت طرفان آپريشن پڻ جاري آهي، پر ان جي باوجود دهشتگرديءَ جو خاتمو ته پري جي ڳالهه، دهشتگرديءَ جي واقعن ۾ گھٽتائي به نه پئي اچي، ويتر ان ۾ واڌ ٿيندي پئي وڃي. ظاهر آهي ته ڪٿي نه ڪٿي ڪي ڪوتاهيون آهن، جو سيڪيورٽي اُپاءَ بي اثر ٿي رهيا آهن.

مڃيون ٿا ته دهشتگردي جو نيٽورڪ عالمگير بڻجي چڪو آهي ۽ اها دهشتگردي صرف ڪنهن هڪ تنظيم تائين محدود نٿي ٿي سگھي ۽ دهشتگرديءَ جا سمورا نيٽورڪ مربوط ۽ منظم آهن، جن کي منهن ڏيڻ ۾ مشڪلات پيش اچي رهي آهي. اسانجي حڪمرانن جي ماضيءَ جي پاليسين سبب اسان ڏينهون ڏينهن دهشتگردي جي ڌُٻڻ ۾ ڦاسندا وڃون، جنهنڪري نه صرف ملڪي وسيلا، جيڪي ملڪ ۽ عوام جي ترقي لاءِ خرچ ٿيڻ گھرجن، سي دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ خرچ ٿي رهيا آهن. هڪ طرف ائٽمي ملڪ هوندي دهشتگرديءَ اڳيان بيوس بڻجڻ تي تنقيد وڌي رهي آهي ته ٻئي طرف عوام ۾ فورسز جو جاني نقصان ٿي رهيو آهي. ان حقيقت کان انڪار نٿو ڪري سگھجي ته ڪو به آپريشن عوام جي تعاون ۽ سهڪار کانسواءِ ڪامياب نٿو ٿي سگھي پر اسانجي ملڪ ۾ هيستائين ٿيندڙ سمورا آپريشن عوام جي ساٿ ۽ سهڪار کانسواءِ ٿيا آهن. بلوچستان ۾ ته گذريل اڌ صديءَ کان آپريشن جاري آهي، جيڪو پڄاڻي تي پهچندي نظر نٿو اچي. سوال اهو آهي ته اهو ڪهڙو آپريشن آهي جيڪو مسلسل جاري آهي پر ان جا نتيجا نه پيا ملن. ظاهر آهي ته ڪٿي نه ڪٿي ڪوتاهي آهي، جنهن جي ڪري دهشتگرديءَ خلاف حڪمت عملي ڪامياب نه پئي ٿئي. انڪري پاليسين ۽ حڪمت عملي تي نئين سر ويچارڻ جي ضرورت آهي. انڪري حڪومت کي به پنهنجون ترجيحون تبديل ڪرڻيون پونديون. “گُڊ” ۽ “بيڊ” واري تفريق کان ٻاهر نڪرڻو پوندو. عوام جو تحفظ ۽ ملڪي سلامتي کي اوليت ڏيڻي پوندي ۽ جتي ضرورت پوي اتي مسئلن جو سياسي حل ڳولهڻ کي ترجيح ڏيڻي پوندي، جيئن بلوچستان جو معاملو آهي، جيڪو خيبر پختونخوا کان بنهه مختلف آهي، انڪري ٻنهي جي لاءِ ساڳي حڪمت عملي ڪامياب نه ٿيندي.