ڌرڻي ۾ مهمان نوازي: ماڻهو کير، کاڌي لاءِ ٻڪر کڻي پهتا

0
34
ڌرڻي ۾ مهمان نوازي: ماڻهو کير، کاڌي لاءِ ٻڪر کڻي پهتا
ڌرڻي ۾ مهمان نوازي: ماڻهو کير، کاڌي لاءِ ٻڪر کڻي پهتا

سکر: ٻٻرلوءِ ڌرڻي ۾ مهمان نوازيءَ جا منظر، کير وڪرو ڪندڙ پورهيت موٽرسائيڪلن تي کير کڻي ڌرڻي ۾ پهچي ويا، پيرجوڳوٺ ۽ پريالوءِ سان تعلق رکندڙ کير وڪرو ڪندڙ 30 کان وڌيڪ پورهيتن موٽر سائيڪلن تي سوار ٿي کيرن جون گهاگهرون کڻي ڌرڻي ۾ پهتا، جن جو چوڻ هو ته وڪيل سنڌ ۽ سنڌو جو مفت ۾ ڪيس وڙهي رهيا آهن، اسان وس آهر کير کڻي پهتا آهيون ته جئين وڪيلن جي خدمت ڪري سگهجي، جيترو اسان کان ٿي سگهيو، اسان وڪيلن جي خدمت ڪنداسين، ڇو ته اسان جو گذر سفر چوپائي مال تي آهي، جيڪڏهن پاڻي نه هوندو ته انسانن سان گڏ چوپايو مال به مري ويندو، ٻئي طرف ڪجهه ڳوٺاڻا ڀلوڙ ٻڪر کڻي ٻٻرلوءِ پهتا، جن جو چوڻ هو ته وڪيلن کي سٺي خوراڪ جي لاءِ ٻڪر کڻي پهتا آهيون.