ڪنڌڪوٽ: ڌرڻي جي سربراهي ڪندڙ سينيئر وڪيل عبدالغني بجاراڻي سان ايس ايس پي امجد شيخ ڳالهين لاءِ ڌرڻي ۾ پهتو ۽ ڌرڻي جي سربراه عبدالغني بجاراڻي سان هڪ ڪلاڪ تائين ڳالهيون ڪيون ڌرڻي ۾ ايس ايس پي امجد شيخ جو چوڻ هو ته ڪشمور ديرا موڙ تي لڳندڙ ڌرڻي سبب اسان وڏا ڊسٽرب ٿياسين ۽ اسين پنهنجو ڪم نه ڪري سگهياسين ۽ هاڻ وري اوهان ڌرڻو لڳايو آهي ان ڌرڻي لڳڻ سبب اسان مغوين جي بازيابي ڪئين ممڪن بڻائي سگهون ٿا اسين ڪئين ڌرڻي دوران پنهنجي پوليس جي موومينٽ ڪري سگهون ٿا ڪئين ڏوهارين خلاف آپريشن ڪنداسين اوهان کي عرض ڪريان ٿو ته ڌرڻو ختم ڪريو 2 ڏينهن دوران اغوا ٿي ويل مغوين کي بازياب ڪرائينداسين اگر ڌرڻي سان مسئلو حل ٿي سگهي ٿو ته آءُ ايس ايس پي امجد شيخ به ڌرڻي ۾ ويهي رهان ٿو.ڌرڻي دوران ايس ايس پي ڳالهيون ڪامياب نه ٿيڻ بعد به هڪ ڪلاڪ تائين ڌرڻي ويٺو رهيو ۽ آخر ۾ ايس ايس پي ڪشمور ڪنڌڪوٽ امجد شيخ چيو ته هن ڌرڻي ۾ منهنجا مخالف ويٺا آهن ماڻهن کي اغوا ڪندڙ ويٺا آهن جيڪي اوهان جي سهاري ماحول کي خراب ڪري رهيا آهن. جنهن بعد ڌرڻي جي سربراهي ڪندڙ سينيئر وڪيل عبدالغني بجاراڻي جو چوڻ هو ته ايس ايس پي امجد شيخ اوهان سٺا آفيسر آهيو اڳ ۾ اوهان ڪم ڪيو پر جڏهن کان وٺي اوهان ٻيهر ڪشمور ۾ مقرر ٿيا آهيو اوهان جو ڪوبه خيال نظر ڪشمور ضلعي جي عوام لاءِ ناهي اوهان جي ڪابه سٺي ڪارگردگي هن وقت ناهي اوهان سڀئي مغوي بازياب ڪرايو 9 مهينن کان نازيا کوسو معصوم ٻارڙي ڪوثر کوسو کي بازياب ناهي ڪرائي سگهيا اوهان هن وقت تائين ساگر ڪمار کي بازياب ناهي ڪرائي سگهيا هن وقت به ضلعي مان 25 مغوي ڌاڙيلن جي قيد ۾ آهن اسين چئون ٿا ته اوهان مغوي اڄ ئي بازياب ڪرايو اسين اوهان جي آفيس ۾ اچي اوهان کي هار پارائينداسين پر بغير مغوين جي بازيابي تي اسين ڌرڻو ختم نه ڪنداسين ڀل اوهان کي جيڪو ڪجه ڪرڻو آ ڪريو ڀل لاٺي چارج ڪريو يا ڪيس داخل ڪريو اسين حاضر آهيون ڌرڻي جي سربراه عبدالغني بجاراڻي جو چوڻ هو ته ايس ايس پي صاحب اوهان کي خبر ناهي ته اغوا ڪير پيو ڪرائي اغوا ڪارن جا سهولتڪار ڪير آهن اوهان کي خبر ناهي ته مان اوهان کي ٻڌايو ته اغوا ڪرائيندڙ هتان جا سردار آهن چونڊيل نمائندا آهن جيڪي ماڻهن کي اغوا ڪرائن ٿا ضلعي جو ماحول خراب ڪرائن ٿا عبدالغني بجاراڻي جو چوڻ هو ته ڪرمپور کان وٺي ڪشمور جا سردار چونڊيل نمائندا ڌاڙيلن جا سهولتڪار آهن اوهان انهن خلاف ڪاروائي ڪريو 2 سردار ٻڌو سڀ مغوي آزاد ٿي ويندا.