ڪراچي: سنڌ ترقي پسند پارٽي جي ريلي ۽ ڌرڻي ۾ جسقم، ايس يو پي، وڪيلن ۽ سول سوسائٽي جي اڳواڻن جي به ڀرپور شرڪت، سنڌ جو ڪيس گڏجي وڙهڻ جو اعلان ڪيو ويو. ان حوالي سان ڪالهه سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سنڌو بچائڻ لاءِ نڪتل ريلي ۾ جسقم ڪراچي ڊويزن جي اڳواڻ الاهي بخش بِڪڪ، سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جي اڳواڻ اعجاز سامٽيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ بار جي اڳواڻ ايڊووڪيٽ اشرف سمون، سماجي اڳواڻن ۽ صحافين انجنيئر ولي محمد راهمون، مشتاق سرڪي، نعمت کهڙو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سنڌو درياءَ تي ڌاڙي خلاف هر تحريڪ ۾ شامل رهنداسين.

ڌرڻي ۾ سوين سنڌي عورتون کير پياڪ ٻارن سميت شريڪ: درياءُ بچائڻ جو وچن

ڪراچي: سنڌ ترقي پسند پارٽي جي ڌرڻي ۾ سوين سنڌي عورتون پنهنجن کير پياڪ ٻارن سميت شريڪ، درياءَ بچائڻ لاءِ مزاحمت جو اعلان ڪيو ويو. ان موقعي تي ڌرتي ڌياڻين پاران اهو وچن ڪيو ويو ته جيڪڏهن وفاقي حڪومت پاران سنڌو درياءَ تي ڌاڙو هڻڻ بند نه ڪيو ويو۽ ڪئنال منصوبا واپس نه ورتا ويا ته سنڌو جي پاڻي خاطر تاريخي مزاحمت ڪنداسين.

ايس ٽي پي جي ڌرڻي سبب گورنر هائوس جا رستا سيل: پوليس اٽالا مقرر

ڪراچي: ايس ٽي پي جي ڌرڻي سبب گورنر هائوس جا رستا سيل، پوليس جي وڏي نفري مقرر ڪئي وئي، ڪالهه ايس ٽي پي جي ڌرڻي سبب پوليس پاران گورنر هائوس جي سمورن گيٽن کي سيل ڪيو ويو، جڏهن ته گورنر هائوس جي مُک گيٽ ڏانهن ويندڙ رستي کي عام ٽريفڪ لاءِ به مڪمل طور تي بند ڪري اتي پوليس جي وڏي نفري مقرر ڪئي وئي.