حيدرآباد(بيورو رپورٽ) وڪيل اڳواڻ ڪي بي لغاري چيو آهي ته ٻٻرلوءِ ڌرڻي ۾ اثرائتو ڪردار ادا ڪندڙ ماڻهن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪيو پيو وڃي، جيڪو سلسلو بند ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ حيدرآباد کان وزير اعليٰ هائوس تائين لانگ مارچ ڪيو ويندو، سڄي سنڌ ۾ داخل ٿيندڙ ڪيسن جي هر فورم تي پيروي ڪئي ويندي، جنهن جا انگ اکر گڏ ڪري رهيا آهيون. نامياري وڪيل ڪي بي لغاري وڪيل ساٿين ايڊووڪيٽ اسلم لغاري، ايڊووڪيٽ روزينا ڀٽو ۽ ٻين سان گڏ گذريل ڏينهن حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پرامن ڌرڻي کانپوءِ ڪيس داخل ڪرڻ وارو سلسلو تيزي سان شروع ڪيو ويو آهي، جن ڪيسن جي هر فورم تي پيروي ڪئي ويندي، اهو سلسلو نه روڪيو ويو ته اسان لانگ مارچ تي مجبور ٿي وينداسين، جيڪو سنڌ جي وڏي وزير طرف هوندو، ڇو ته صوبي جو ذميوار وڏو وزير آهي. هن چيو ته ٻٻرلوءِ ڌرڻو تاريخ جو واحد ڌرڻو هو، جنهن ۾ ڪنهن گاڏي جو شيشو به نه ٽٽو، سنڌ حڪومت ڌرڻي ۾ ڪردار ادا ڪندڙن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ وارو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي، ڪيترن ئي ماڻهن کي گرفتار ڪري حراسان ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته 26هين ترميم کانپوءِ عدالتن کان مايوس آهيون، عدالتن کي سياسي بڻايو ويو آهي، آئيني بئنچ ملڪ جي ٻين صوبن بدران صرف سنڌ ۾ قائم ڪري عوام جي آواز کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، اڻ اعلانيل مارشل لا قائم ڪئي وئي آهي، پيڪا ايڪٽ ذريعي اظهار جي آزادي واري حق کي ختم ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ڌرڻي کانپوءِ هڪ سئو کان وڌيڪ ايف آء آرون داخل ڪيون ويون آهن، ڪيترائي ماڻهو گرفتار ڪيا ويا آهن، ڪيترن ئي ماڻهن کي حراسان ڪري خوفزده ڪيو پيو وڃي، هي ڪهڙي قسم جي جمهوريت آهي، جنهن ۾ سنڌ جي ماڻهن کي بناجواز گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن، پوليس مڪمل طور تي سياسي فورس بڻجي چڪي آهي، جنهن کي سياسي پارٽي پنهنجي مفادن لاءِ استعمال ڪري رهي آهي. هن چيو ته ماڻهن کي ڊيڄارڻ وارو سلسلو بند ڪيو وڃي.