لاهور(م ڊ) وفاقي اطلاعات واري وزير عطاءُالله تارڙ چيو آهي ته ڌرڻي جو خرچ ڪٿان کان اچي رهيو هو ڇو ته ڪوبه هڪ هفتي جي ڌرڻي جو خرچ برداشت نٿو ڪري سگهي، خيبرپختونخوا ۾ دهشتگردن کي ٻيهر ترسايو ويو. لاهور ۾ يوٿ ڪانفرنس ۾ وفاقي وزير چيو ته هن ملڪ ۾ دهشتگردي جو ناسور  هن وقت به موجود آهي. دهشتگرد گوريلا وار ڪنهن اخلاقيات جي پابندي نٿو ڪري، جڏهن  دهشتگردي جي ڪا اخلاقي حد نه هجي ته پوءِ اي پي ايس جهڙو سانحو ٿيندو آهي، دهشتگرد بلوچستان ۾ به دهشتگردي ڪري رهيا آهن. وفاقي وزير چيو ته اسان کي هاڻ گڊ طالبان ۽ بيڊ طالبان جو چيلينج آهي، دهشتگردن جو ڪوبه دوست ناهي هوندو. انهن جو ته ڪوبه مذهب به ناهي هوندو. انهن جي خيبرپختونخوا ۾ ٻيهر رهائش ڪرائي وئي. هن چيو ته لاهور، ڪراچي جهڙن شهرن ۾ ڌماڪا بند ٿيا، ن ليگ دهشتگردي کي ختم ڪيو هو، دهشتگردن جو وري خاتمو ڪنداسين.