ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪنڌڪوٽ ڌرڻي جي اڳواڻي ڪندڙ عبدالغني بجاراڻي جي سربراهي ۾ آل پارٽيز ميٽنگ ٿي، جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ڪنڌڪوٽ پر امن ڌرڻي تي پوليس گردي ۾ ملوث اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪرايو ويندو، جڏهن ته ميٽنگ ۾ زخمي سياسي اڳواڻن کي خراج تحسين پيش ڪيو ويو، امن ڌرڻي جي حمايت ڪرڻ تي پوري سنڌ ۽ بين الاقوامي سطح تي ساٿ ڏيڻ تي سڀني جو شڪريو ادا ڪيو ويو، اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته ايس ايس پي امجد احمد شيخ طرفان عبدالغني ايڊووڪيٽ سان رابطو ڪري اهلڪارن تي ايف آءِ آر داخل نه ڪرڻ ۽ حملو ڪندڙن کي معاف ڪرڻ جو چيو ويو، پر عبدالغني بجاراڻي پاران صاف انڪار ڪيو ويو، گڏجاڻي ۾ جي يو آءِ جي جمال الدين اوڳاهي، ايس يو پي جي ظريت بجاراڻي، تحريڪ انصاف جي عبدالعزيز سومرو، جسقم جي والي ڏنو سنڌي، قومي عوامي تحريڪ جي فدا مهمداڻي، جماعت اسلامي جي عبيدالله گولو، ايس ٽي پي جي جيوڻ سبزوئي ۽ ٻيا شريڪ ٿيا.