ڪراچي (نمائندن وٽان) مغوين جي بازيابي لاءِ ۽ ڌرڻي تي پوليس جي لٺبازي خلاف سنڌ بار ڪائونسل ۽ هاءِ ڪورٽ بار جي سڏ تي وڪيلن عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪري احتجاج ڪيو، حيدرآباد ۾ مغوين جي بازيابي لاءِ لڳل ڌرڻي تي پوليس لٺبازي ۽ سنڌ بار ڪائونسل جي ميمبر عبدالغني بجاراڻي تي تشدد خلاف هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي سڏ تي عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪري ميان تاج محمد ڪيريو جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، جيڪب آباد ۾ سنڌ بار ڪائونسل جي سڏ تي ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئشن پاران مظفر علي رند، عبدالرحمان مغل، عبدالحئي سومرو، غلام حسين شاهه، جي ايم سومرو جي اڳواڻي ۾ عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪري احتجاج ڪيو ويو، قمبر ۾ ڊسٽرڪٽ بار جي وڪيلن طرفان پريا ڪماري سميت ٻين مغوين جي بازيابي لاءِ عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪري ايوب خانزادهه، وقار هڪڙو، نواب الدين چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو، اڳواڻن چيو ته پرامن احتجاج جو حق شهرين کي ملڪي آئين ۾ مليل آهي، پر ان باوجود پوليس مظاهرين تي ڪڙڪي ۽ لٺيون وسائي تشدد جو نشانو بڻايو، هنن چيو ته ايس ايس پي امجد احمد شيخ رڳو اهلڪارن کي معطل ڪرڻ تائين محدود نه رهي، معاملي جي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي جوڙي وڃي، هنن مطالبو ڪيو ته پريا ڪماري ۽ ساگر ڪمار سميت سمورن مغوين کي فوري طور بازياب ڪرايو وڃي.