شاهور جهانيان (ن پ ا) سنڌو درياءَ تي ڪئنالن جي اڏاوت خلاف احتجاج ڪندڙن مٿان دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪرڻ جو سلسلو جاري، شاهپور جهانيان ۾ هارين، مزدورن ۽ مختلف سياسي سماجي، مذهبي ۽ قومپرست تنظيمن جي اڳواڻن مٿان ڪيس داخل، 95 ڄڻا نامزد، خبر موجب ڪينالن خلاف احتجاج ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي، ڪالهه شهپور جهانيان ٿاڻي تي اي ايس آءِ ڪريم بخش ٻگھيو جي فرياد تي 25 سڃاتل ۽ 70 اڻ سڃاتلن خلاف دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو، ڪيس ۾ صدام ماڇي، محمد علي لغاري، سومر جسڪاڻي، انور لغاري، حاجي جسڪاڻي، قمبر ڀراڻي، محمد نواز زئور، عرفان لغاري، ارشاد لغاري، ولي محمد لغاري، صدام لغاري، جمعو پٺاڻ، اسد الله ٻگھيو، حنيف ٻگھيو، ذوالفقار لغاري، قمبر لغاري، نثار ٻگھيو، ديدار ٻگھيو، بخشڻ لغاري، ذاڪر لغاري، عاشق سولنگي، ياسين بگو، منور لغاري، امداد بگو ۽ ٻين کي جوابدار نامزد ڪيو ويو آهي، ايف آءِ آر موجب احتجاج دوران قومي شاهراهه تي رنڊڪ وجهڻ ۽ سرڪاري معاملن ۾ مداخلت جي الزام هيٺ مظاهرين خلاف دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪارروائي ڪئي وئي آهي، پوليس نامزد جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون آهن.