ڪوئيٽا(م ڊ) بلوچستان عوامي پارٽي (باپ) جي مرڪزي اڳوان ۽ وفاقي وزير خالد مگسي بلوچستان نيشنل پارٽي جي سربراهه اختر مينگل کي پنهنجو ڌرڻو ختم ڪري ڳالهين جو رستو اختيار ڪرڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو، سياسي پارٽيون سمورن مسئلن جو حل آئين ۽ قانون جي دائري ۾ رهندي حل ڪڍنديون آهن. جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته سمورن مسئلن جو حل ڳالهين سان حل ٿيڻ گهرجي، رياست پنهنجو ڪم ڪندي آهي ان رياست جو احترام اسان سڀني تي لازمي آهي.