ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي بار جو صدر عامر نواز وڙائچ رحمان ڪورائي ۽ اشرف سمون چيو آهي ته ڪئنالن خلاف ڌرڻن ۾ شامل ماڻهن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا، ڪالهه سٽي ڪورٽ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هنن چيو ته ٻٻرلوءِ ۾ ڪئنالن خلاف 11 ڏينهن تائين پر امن ڌرڻو هنيو ويو، جنهن دوران شيشي جو گلاس به نه ٽوڙيو ويو، ڌرڻي ۾ سنڌ جي شعور شرڪت ڪئي، هنن چيو ته ڌرڻي بعد سنڌ حڪومت ۽ پوليس انتقامي ڪارروائيون ڪري رهي آهي، ڌرڻي ۾ شريڪ صحافين, وڪيلن ۽ سول سوسائٽي تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن، هنن چيو ته اسان سنڌ جي عوام سان گڏ آهيون ۽ مستقبل ۾ به ساٿ به نه ڇڏينداسين، هن چيو ته سنڌ حڪومت اهڙيون حالتون پيدا نه ڪري جو وڪيل برادري ٻيهر روڊن تي اچڻ تي مجبور ٿئي.