ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) گنڌارا سولائيزيشن ٽاسڪ فورس جي چيئرمين ڊاڪٽر رميش ڪمار سي پي او ۾ آءِ جي سنڌ رفعت مختار سان ملاقات ڪئي، ملاقات بعد ٻنهي ڪشمور ڪنڌڪوٽ ۾ جاري احتجاج ختم ڪرڻ جي اپيل ڪري ڇڏي. ڊاڪٽر رميش ڪمار آءِ جي سنڌ سان گڏ وڊيو بيان جاري ڪندي چيو ته مون آءِ جي سنڌ کي ٻڌايو ته ڪشمور ۽ بارڊر ايرياز ۾ عدم تحفظ جو احساس ٿي رهيو آهي، آئي جي سنڌ واعدو ڪيو هو ته ماڻهو بازياب ڪرايا ويندا، 3 ڄڻا بازياب ٿي ويا، ساگر جي بازيابي لاءِ پوليس ڪوششون ڪري رهي آهي، احتجاج ختم ڪيو وڃي، صبر سان ڪم ورتو وڃي، پوليس ساگر جي بازيابي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، ڌاڙيلن جو هڪ گروپ ماڻهو اغوا ڪري ٻئي گروپ کي وڪرو ڪندو آهي، ساگر واري معاملي ۾ به ائين آهي، پوليس ڌاڙيلن تائين پهچي وئي، ساگر بازياب ٿيندو، ايس ايس پي به سٺو آفيسر آهي، ان تي فخر آهي، مون آئي جي سنڌ کي چيو ته مستقل امن امان جي صورتحال جي بهتري لاءِ حڪمت عملي جوڙڻي پوندي، احتجاج اسان جو حق آهي پر ڪنهن ٻئي کي اهڙو موقعو نه ڏجي جو ملڪ جي بدنامي ٿئي، مان پاڻ به ڪشمور ايندس، آئي جي سنڌ چيو ته علائقي ۾ مستقل طور امن امان جي صورتحال کي بهتر ڪيو ويندو،احتجاج ختم ڪري پوليس کي مهلت ڏني وڃي. آءِ جي سنڌ رفعت مختار چيو ته ڌرڻي سان ماڻهن کي تڪليف ٿيندي آهي، اسان خلاف همدرديون پيدا ٿيڻ بدران نفرت پيدا ٿيندي آهي، آئون پاڻ علائقي ۾ ايندو رهندس، ساگر کي جلد بازياب ڪرايو ويندو، احتجاج ختم ڪيو وڃي