ڪراچي: سنڌ جي گهرو وزير ضياء الحسن لنجار چيو آهي ته پارا چنار واقعي کي بنياد بڻائي گذريل هفتي کان شهر جا روڊ بند آهن، جنهن سبب شهري ايئرپورٽ ۽ اسپتال تائين پهچي نه پيا سگهن،  پارا چنار واقعي تي اسان کي به افسوس آهي، سنڌ حڪومت امداد به اماڻي، پارا چنار مسئلو ڪي پي حڪومت سان لاڳاپيل آهي، ڪراچي پوليس آفيس ۾ آءِ جي سنڌ ۽ ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته پارا چنار واقعي جو اهو مطلب ناهي ته ڪراچي ۾ ڌرڻا هڻي شهرين کي پريشان ڪيو وڃي، اسان جي وزيرن، ميئر ۽ ڪمشنر گڏجاڻيون ڪري مظاهرين کي آفر ڪئي ته احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ اوهان کي مخصوص جڳهه ڏيون ٿا، افسوس جو اسان جي آڇ ٺڪرائي وئي، اسان کي مظاهرين جي اڳواڻن چيو ته سندن نوجوان نٿا مڃن. هن چيو ته ڪراچي يرغمال بڻيل هو، اسان تي تنقيد ٿي رهي هئي، ان صورتحال ۾ اسان جي به ذميواري بڻجي ٿي ته شهرين کي پريشاني کان بچائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪريون، هن چيو ته احتجاج ڪندڙن جو  چوڻ هو ته اسان پرامن آهيون، پوليس ڪارروائي دوران 8 موٽر سائيڪلون ساڙيون ويون، 8 اهلڪار زخمي ٿي پيا، ٻڌايوته پوليس تي فائرنگ ڪندڙ ڪير هئا؟، ڇا ڌرڻو پرامن هو؟وري ٻي مذهبي جماعت به احتجاج جو اعلان ڪيو، هن چيو ته حڪومتي رٽ چئلينج ٿيندي ته ايڪشن ٿيندو. هٿ تي هٿ ڏئي ويهي رهون، اهو نٿو ٿي سگهي، صوبائي گهرو وزير چيو ته اسان کي چيو ويو ته روڊ جي سائيڊن کان ويهنداسين پر روڊن تي ڌرڻا هنيا ويا،  هن چيو ته آئون عالمن کي آفر ٿو ڪريان ته اوهان کي جڳهه ڏيون ٿا، اتي اچي ڀلي احتجاج ڪريو پر اهو نٿو ٿي سگهي ته علائقا بند ڪيا وڃن، هن چيو ته  ڌرڻا مامري جا 3 ڪيس داخل ڪري 19 ڄڻا گرفتارڪيا ويا آهن.