ڪراچي: پيپلز پارٽي سنڌ جي ڊي اي ۽ اتحادي جماعتن جي ڌرڻن کي وقت جو زيان قرار ڏئي ڇڏيو جڏهن ته پ پ اڳواڻ منظور وساڻ جي ڊي اي اڳواڻ پير صدرالدين شاھ راشدي کي خيرپور مان اليڪشن وڙهڻ جو چيلنج ڏئي ڇڏيو. ان حوالي سان پ پ اڳواڻ منظور وساڻ سنڌ اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته وفاقي حڪومت  2 سالن تائين هلندي، هن چيو ته پير صدرالدين شاھ راشدي کي چيلنج آهي ته هُو خيرپور جي ڪنهن به تڪ تان منهنجي مقابلي ۾ حصو وٺي، هن چيو ته جي ڊي اي وارا پاڻ ڌانڌلي ڪن ٿا ۽ احتجاج به پاڻ ئي ڪندا آهن، ٻئي پاسي پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙو  هڪ بيان ۾ چيو آهي ته پي ٽي آءِ، جي يو آءِ، جماعت اسلامي ۽ ايم ڪيو ايم حقيقي وارا ڌرڻا هڻي وقت ضايع ڪري رهيا آهن، ڌرڻا هڻي عوام جي بيعزتي ڪرڻ بجاءِ عدالتن ۾ پنهنجا ثبوت پيش ڪن.  ڌرڻن کان بهتر آهي ته ايندڙ اليڪشن جي تياري سان لڳي وڃن. هن چيو ته پيپلز پارٽي مخالف جماعتون پهريان به اتحاد ڪرڻ باوجود 5 يا 6 سيٽن کان وڌيڪ سيٽون نه کٽي سگهيون آهن،  وڏو پيرپاڳارو مرحوم به چونڊن ۾ پ پ کان شڪست کائيندو رهيو آهي جڏهن ته جي يو آءِ سنڌ مان ڪڏهن به چونڊ نه کٽي آهي ته پوءِ ڌانڌلين جا الزام ڇو هنيا پيا وڃن؟