گهوٽڪي: شهر جي مين چوڪ ڀرسان ٻن ڄڻن جي مارجڻ توڙي هڪ ڄڻي کي زخمي ڪندڙ پٺاڻ برادري جون ٻئي ڌريون پاڻ ۾ ويجھيون عزيز ٻڌايون پيون وڃن، جهيڙي بعد ڌرين ۾ سخت ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي، جڏهن ته ٻنهي ڌرين جا ماڻهو مورچا بند ٿي ويا، ڇڪتاڻ سبب پوليس ٻنهي برادري جي گهرن ٻاهران پڪٽون قائم ڪري ورتيون آهن.