ڪراچي(نمائندن وٽان) ڌرتي ڌڻين ڏهرڪي وٽ پنجاب دنگ بند ڪري ڇڏيو: ڪئنالن خلاف ڌرڻو: مختلف شهرن ۾ عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ، ريليون مظاهرا، ڌرڻا،قمبر ۾ ڊسٽرڪٽ بار جي وڪيلن عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ ڪري ماجد خاصخيلي، علي بخش چانڊيو،اسد علي بليدي،نواب الدين چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو. ڪنڊيارو ۾ وڪيلن  پاران عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ ڪري مين گيٽ اڳيان  الطاف هيسباڻي، عديل جتوئي، بلاول کوکر، عظيم ڪمبوهه، مسعود علي ممڙ، سيد ڪامران شاهه ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو،  باڊھه ۾ سنڌ يونائيٽڊ پارٽي پاران چار ڪلوميٽر پيادل مارچ ڪري حيدر چوڪ تي ا مظھر مغل، صدر ڀٽي ،منظور شيخ ۽ صالح جوڻيجو، احمد بشير نوناري ۽ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو.  شڪارپور ۾ قومي عوامي تحريڪ پاران مشعل بردار ريلي ڪڍي وئي، ريلي جي اڳواڻي زاھد ڀنڀرو، ايڊووڪيٽ ظفر چنو، امداد سومرو، زاھد گھلو، سيد واجد علي شاھز عمران منگي، زبير سومرو ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا. جمال شاهه ۾ جسقم ڪارڪنن طاھر زرداري، راشد بروهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو،ميھڙ ڀرسان ڳوٺ ٻٽ  سرائي کان 3 ڪلو ميٽر موٽر سائيڪل ريلي ڪڍي وئي ريلي ۾ شامل سوين ڳوٺاڻن هٿن ۾ جهنڊا کڻي سخت نعريبازي ڪئي ريلي مخلتف ڳوٺن کان ٿيندي ٿرڙي محبت جي چانڊيه چونڪ پهتي ، جنهن جي اڳواڻي اطهر ٻٽ ، اسد علي شاه ، علي گوھر ساھڙ ، آزاد قاضي ، طالب منگي ، ممتاز بروهي ،سجاد علي سوڍر ، ارباب جھتيال ، عبدالحميد لاشاري ۽ ٻين ڪئي  ڀٽ شاهه شيعا علماءَ ڪائونسل پاران علاما جواد احمد هادي جي سربراهي ۾ درگاھ ڀٽائي کان ريلي ڪڍي وئي جيڪا درگاهه چاڙهي سميت مختلف هنڌن تان ٿيندي شهر جي مک دنبورا چوڪ تي پهتي، ھالا ۾جميعت علماء اسلام پاران جميعت ھائوس کان مولانا محمد صالح انڍڙ، اسد الله کھڙو، حاجي صاحب ڏنو ورياھ، الھڏنو سومرو، عبدالوارث لاکو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو،ميھڙ بار ايسوسيئشن پاران وڪيل منور جتوئي ، وڪيل سعيد پنھور ، عبدالخالق ٻگھيو،سينئر وڪيل عزيزالله ٻرڙو ، وڪيل نجيب مھيسر ، وڪيل شير علي چانڊيو، وڪيل سجاد آڳرو ، وڪيل داد محمد مگسي ۽ ٻين وڪيلن پاران عدالتي ڪارواين جو بائڪاٽ ڪندي 17 ڏينھن به احتجاج ڪيوم تلھار ۾ شاگردن ايوارڊ تقريب دوران پنھنجا مڃتا سرٽيفڪيٽ ھٿن ۾کڻي استادن سناصر بلوچ ، ذسوھيب ميمڻ ، فيضان جمالي ، رمضان مڱڻھار، روي ڪمار ۽ ٻين ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو. ميرپوربٺورو ۾نوجوان اتحاد جي اڳواڻن عامر ميمڻ، فاضل خاصخيلي ۽ بابو عثمان ميمڻ جي اڳواڻي ۾ جھوڪ شريف کان ميرپور بٺورو تائين مارچ ڪيو ويو، مارچ جي چورواهه اسٽاپ، ڀڏو اسٽاپ ۽ سعيدا اسٽاپ تي آجيان ڪئي وئي. جڏھن ته مارچ ۾ جسقم، قومي پارٽي، پي ٽي آئي، جسم، ڳوٺ سڌار سنگت ۽ ٻين تنظيمن جا ڪارڪن پڻ شريڪ ٿيا. دڙو ۾ قومي عوامي تحريڪ پاران ڊڀو موري کان موالي موري تائين اشرف پليجو، پنهل سولنگي ،عبدالڪريم پليجو ،زين سومرو ،رشيد آزاد سومرو ،مولوي عبدالقادر سومرو ،راحيل انور سومرو، ڪامريڊ غلام حسين سولنگي، علي محمد لاشاري، ڀولا ڌماچ، بابن شورو، واحد پليجو جي اڳواڻي ۾6 ڪلو ميٽر پيادل مارچ ڪيو ويو. مارچ جو بچل گگو اسٽاپ، پريو مگسي اسٽاپ، ڳوٺ علي اڪبر شاهه ،سهتا ڳوٺ، جهونجهار پليجو اسٽاپ، تي شاندار استقبال ڪري گلن جي ورکا ڪئي وئي. کورواهه ۾آبادگار فورم پاران چڪ 6 کان ظفرالله مري، لادن مري، جبار پنهور، سلطان مري جي اڳواڻي ۾ کورواهه پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي، ريلي ۾ ڊي  اي، ايس يو پي سميت مختلف پارٽين جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن شرڪت ڪئي. بهرام ۾ سنڌ پينشنرز گرينڊ الائنس طرفان  پروفيسر محمد مراد، عبدالعزيز کوسو،عبدالڪريم شيخ،غلام اڪبر ڇلگري،عبدالڪريم ڏنگر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو .اڳواڻن چيو ته سنڌو درياءَ اسان جو جياپو  ۽ روزگار جو ذريعو آهي، سنڌو کي ڪنهن به صورت ۾ سڪڻ نه ڏنو ويندو، تڪراري ڪئنال رٿا جي خاتمي تائين خاموش نه ويهنداسين، جدوجهد جاري رهندي