نوي جي ڏهاڪي ۾ سنڌ جي هڪ اخبار ۾ استاد منظور سولنگيءَ ‘سچ وڏو ڏوهاري آهي’ جي نالي سان خبرن تي طنزيه تبصرا لکڻ شروع ڪيا. اڪثر هو ‘لالو ماڇي’ جي نالي سان تيز نشتر سان سياسي توڻي سماجي بيانن جا بَخيا اڊيڙي ڇڏيندو هو. لالو ماڇي اسان جي ڳوٺ جو اهڙو ڪردار، جنهن وٽ ڏاهپ هئي ته گفتي جو فن به؛ ڪمال جو آرٽسٽ هو. ويهي ويهي اهڙو جملو چئي ڇڏيندو هو، جو اڳيون ٻڌي دنگ رهجي وڃي. سڄي تر ۾ لوڪ ڏاهپ جي حوالي سان اهڙو شخص، جنهن وٽ دانائي ڀريل هئي. اڪثر هو زندگيءَ جي مختلف پاسن تي کُلي دل سان کِلي ٽهڪ ڏئي ڳالهائيندو هو. هاڻي جڏهن سڄي سنڌ ۾ هڪ پاسي پاڻيءَ جي سخت اڻاٺ ته ٻئي طرف ان کوٽ ۾ وري درياه کي کاٽ هڻڻ جا سانباها ٿين پيا ته لالوءَ جا سخن ياد پون ٿا. هو چوندو هو:
* اڃايل آدميءَ لاءِ پاڻيءَ جي هڪ بوند، سوني سِرَ کان قيمتي آهي.
* توهان هن وقت پاڻيءَ جو قدر ڪريو، اڳتي پاڻي توهان جي حفاظت ڪندو.
* پاڻيءَ کي بچائڻ جا طريقا، توهان کان شروع ٿيندا آهن.
* اسان کي اهو نه وسارڻ گهرجي ته پاڻي ۽ حياتي هڪ شيءِ جا ٻه نالا آهن.
* پاڻي ناهي ته جيون به ناهي.
هو چوندو هو ته، “جڏهن کوهه سڪي ويندا ته تڏهن پاڻيءَ جو پتو پوندو”. هاڻي جڏهن پاڻيءَ جو مامرو اسان جي درن جي چائنٺن کي ڇهي پيو ته تڏهن شديد احساس ول جيان وڪوڙي ويو آهي، ته اهي ڪم جيڪي هاڻي ڪريون پيا يعني شدت سان احتجاج، اهي ڪجهه ڏهاڪا اڳ ڪرڻ گهرجن ها. مثال طور: گريٽر ٿل ڪئنال خلاف احتجاج ته ٿيا پر ايترا مؤثر نه رهيا. نتيجي ۾ اسان جي پاڻيءَ تي کاٽ هڻندڙن جي دل وڌي وئي. هڪ ڪئنال جي بجاءِ ڇهه ڪئنال رٿا تي سوچي ڪم ڪرڻ لڳا، ان احساس کانسواءِ ته پاڻي، هن جيون لاءِ ڪيترو ضروري آهي. اهو بيابانن ۾ ويٺل ماڻهن کان معلوم ڪجي. هن سماج ۾ جتي اڳئي مسئلا پنهنجي عروج تي آهن، اتي پاڻيءَ جي بندش ته ‘قتلام’ کان گهٽ نه هوندي. ان سڄي صورتحال ۾ لالو ماڇيءَ جهڙو بيباڪ ڪردار ياد اچي ٿو.
ان سان گڏ ماڻهن کان ڳوٺ جو اهو ڪردار به ناهي وسريو، جيڪو سدائين سچ ڳالهائيندو هو ۽ پوءِ هڪ ڏينهن هن جو لاش مليو. صادق رازي کي ڪير نه سڃاڻي؟ هن کي مري وئي ورهيه وهامي ويا پر ڳوٺ وارن کي ياد آهي. ڇاڪاڻ ته هن جو موت ‘مام’ بڻجي ويو. ڀلا مام ڇو نه بڻجي! جڏهن قاتل خلاف ڪو شاهدي ڏيڻ لاءِ تيار نه هجي ته اتي قتل گهڻو ڪري ‘ڳُجههُ’ بڻجي ويندا آهن! صادق جو ڏوهه فقط ايترو هو جو پيريءَ ۾ پير پائڻ، ڪمزور جسم سبب مزوري نه ملڻ ڪري تَرَ ۾ پنڻ شروع ڪيو هو. زال، پنجن جوان جماڻ ڌيئرن ۽ ننڍڙي پٽ جي پيٽ جو دوزخ ڀرڻ سؤلو ته نه هو. پوڙهي صادق جو پنڻ هن جي برادريءَ کي پسند نه آيو. علائقي ۾ اڪثريتي برداري ڪچي پڪي ۾ سوين ڳوٺن ۾ رهندڙ ذات، جنهن جا چور ‘ڏاميچ’ سڏبا هئا. هر لوفر ‘مڙس ماڻهو’ جو استعارو هو. پهريائين ته پنهنجي سِر پوڙهي صادق کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪيائون ته هن جي پنڻ سان برداريءَ جو وقار مجروح پيو ٿئي. نه مڙڻ تي مرشد کي گهرائي صادق کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. صادق جيڪڏهن پني نه ته گهر جو گاڏو ڪيئن هلندو؟ هو نه مڙيو. نه صرف پنڻ نه ڇڏيائين پر مرشد کي منهن تي چئي ڏنائين: “مرشد سائين، پنين ته تون به ٿو، پنا مان به ٿو….. تو ۾ ۽ مون ۾ ڪو فرق ناهي!” پوڙهي جا لفظ ٻڌي مرشد ان وقت ته چپ ڪري ويهي رهيو هو، پر ڪجهه ڏينهن کان پوءِ صادق جو لاش ڳوٺ کان ٻاهران ٻوڙن مان مليو…. ۽ پوءِ جڏهن ‘ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا’ هجن ته محمد صادق جهڙن جا قتل مام بڻجي ويندا آهن!
گهڙي کن لاءِ سوچجي ته هن دنيا ۾ ڪنهن جي به زندگي سؤلي طريقي سان نه پئي گذري. يورپ ۽ آمريڪا ۾ رهندڙن جا پنهنجا مسئلا آهن. آفريڪا وارن لاءِ پنهنجا ڏچا، ڳالهه جڏهن ننڍي کنڊ جي نڪري ٿي ته پنهنجا عذاب پر جڏهن سنڌ جو معاملو آهي ته ڪجهه ڏهاڪن کان حياتيءَ مشڪل کان ناممڪن طرف وڃي رهي آهي. سچي ڳالهه هي به ته اسان سڀ هڪ اهڙي انساني الميي جو شڪار ٿي رهيا آهيون، جنهن جو ويجهڙائي ۾ ڪو به تدارڪ نظر نه پيو اچي. هڪ اهڙي صورتحال، جنهن ۾ نه مرڻ آسان آهي نه جيئڻ سؤلو…. سماج جي بيحسي جون ڪهاڻيون رڳو محمد صادق جهڙن تي پوريون نه ٿيون ٿين پر هر ٻيون ٽيون شخص مسئلن جي ڄار ۾ اهڙو ته ڦاٿل آهي جو ماڻهن هاڻي خودڪشين طرف وڌڻ شروع ڪيو آهي. هر ڏينهن تي ڪنهن وڻ جي لامَ ۾ يا گهر جي ڪامَ ۾ ٽنگيل لاشو گهڻيون ڪهاڻيون بيان ڪري ٿو. ائين پيو محسوس ٿئي ته اهو قربانيءَ جو لامتناهي سلسلو آهي.
دنيا جي تاريخ ۾ خاص ڪري مذهبن جي اتهاس ۾ انساني قربانين جو ذڪر ملي ٿو. دنيا جي قديم ترين تهذيب ‘مايا’ ۾ انساني قربانيءَ جو تصور ايتري تائين اهم هو جو فقط ان ڪري جنگيون وڙهيون وينديون هيون ته انسانن کي حاصل ڪري انهن کي ديوتائن جي اڳيان قربان ڪيو وڃي. هڪ نظر سان ڏٺو وڃي ته اهي ساڳيون شيون اڄ به انساني لاشعور ۾ موجود آهن ته ڪنهن ٻئي جو موت اسان جي حياتيءَ جو ڪارڻ بڻجي سگهي ٿو. بلڪل اهڙي طرح جيئن شينهن، واگهه، بگهڙ ۽ ٻيا خطرناڪ جانور پنهنجي جياپي لاءِ هم جنس جانورن کي ماري ڇڏيندا آهن. شايد اسان به پنهنجي تصورن ۾ اهو سمجهون ٿا ته ٻين جو موت اسان جي زندگي آهي. ڪو ٽنگيل انساني جسم ڏسي گهڙي کن ته افسوس ٿئي ٿو پر لاشعوري طور اهو اسان جي تسڪين جو باعث آهي. جيڪڏهن ائين نه هجي ته ضرور تدارڪ ڏانهن رجوع ڪريون ها، پر ائين بلڪل به ناهي.
صادق رازو ته پنڻ جي جرم سبب برادريءَ جي نام نهاد غيرت ۾ ماريو ويو ۽ هن کي قتل ٿيڻو به هو، ڇو جو جنهن سماج ۾ پاڻ لِڪي ساهه کڻون پيا، اتي پيرن ميرن وڏيرن جي گستاخن کي جيئڻ جو حق ناهي. پر مائي زينا (فرضي نالو) به نه بچي سگهي. خبر ناهي هن جو ڏوهه ڪهڙو هو، 50 سالن جي اڌڙوٽ عورتَ صبح جو پنهنجي بستري تي نيم مرده حالت ۾ پيل هئي. هن جي اڄ به حالت ساڳي آهي. پاڻ سان ٿيل وارتا ٻڌائڻ کان معذور مائي زينا جو شمار نه مئلن ۾ آهي، نه جيئرن ۾. بس ساهه آهي، سو هوءَ کڻي پئي!
مٿي لکي آيو آهيان ته قديم آمريڪا جي ماڻهن کي جڏهن جنگين ڪرڻ باجود قربانين لاءِ ماڻهو نه ملندا هئا ته هو آخر ۾ پنهنجين عورتن، ٻارن ۽ پوڙهن سميت سماج جي ڪمزور فردن کي قربان ڪرڻ شروع ڪندا هئا. ايتري تائين جو پنهنجي مذهبي پارسائي کي پورو ڪرڻ لاءِ پنهنجون ڳچيون وڍڻ شروع ڪندا هئا. هو اها ڳالهه سمجهي نه سگهيا ته وحشتن کي ڪڏهن به ان ريت سڪون نه ٿو پهچائي سگهجي. اهڙي قسم جي درندگي تيسيتائين موجود رهندي آهي، جيسيتائين سڀ ڪجهه ختم نه ٿي وڃي. خبر ناهي پاڻ اها ڳالهه ڪڏهن سمجهنداسين، في الحال ته ڪڻڪ جي لاباري سان گڏ ماڻهن جون منڍيون لڻڻ جي موسم هلي پئي!
بک بدحالي ۽ جهالت هن معاشري کي هڪ اهڙي نُڪتي تي پهچايو آهي، جو رشتن جو احترام پڻ ناپيد ٿيندو پيو وڃي. ان ئي وحشت جو کاڄ ننڍڙي اميدان (فرضي نالو) به ٿي وئي. هوءَ نه پئي ڄاڻي ته جنهن کي چاچو سڏيندي هئي، هڪ ڏينهن اهو ئي هن جو قاتل ٿيندو. ڇهن سالن جي نينگريءَ کي ڀلا ڪهڙي خبر ته هو جنهن سماج ۾ جيئي پئي، اهو بگهڙن جو معاشرو آهي… ۽ هڪ ڏينهن هن جو ٿڌو ٿيل جسم مليو. ننڍڙي اميدان جي ماءُ جنهن الائي ڪيتريون اميدون هن ۾ لاتيون هيون، اها پڻ موت جي تصوير کانسواءِ ڪجهه به ناهي. جڏهن ته هن جو پيءُ ساهه ته کڻي ٿو پر فقط جيئڻ لاءِ……
جيئڻ لاءِ ته اها نوجوان عورت به جي سگهي پئي پر هن مرڻ کي ترجيح ڏني. شاديءَ جي هڪ سال اندر ئي هن گهر وارن کي ٻڌائڻ شروع ڪيو هو ته مڙس جي غير موجودگيءَ ۾ هن جو سهرو ساڻس ريپ ڪري ٿو. ڪنهن به هن جي ڳالهه تي اعتبار نه ڪيو، سواءِ سندس ماءَ جي، جنهن به اهو چئي خاموش ڪرايس ته گهر هلائڻ لاءِ زندگيءَ ۾ گهڻو ڪجهه برداشت ڪرڻو پوندو آهي. هڪ سال اندر هوءَ ڪيترائي ڀيرا ساهرن سان رسي پيڪين پهتي، پر وري به ڪجهه ڳالهين کان پوءِ واپس ڪئي وئي. آخري ڀيرو جڏهن مائٽن وٽ پهتي ته رانڀاٽ ڪري سڄي ڳوٺ کي ظلم جو داستان بيان ڪيائين، پر الٽو هن جي مٿان ئي خراب هجڻ جو بهتان مڙهيو ويو. رات جو ساهرا به واپس وٺڻ لاءِ پهتا. خاموش ٿي وئي. صبح تائين مهلت گهريائين. صبح جو هن جي مرڻ جي خبر سڄي ڳوٺ ۾ جهنگ جي باهه جيان پکڙجي وئي. ڪيترائي مٽ مائٽ لاش ڏسڻ لاءِ گهر پهتا. ڦڪو سائو لاش. فصلن کي زهر ڏيندڙ ڦوهاري جي ڌپ ۽ خاموشي….. ۽ خاموشيِءَ سان زندگي روان دوان رهي هڪ ٻئي صادق، زينا ۽ ان جوان عورت جي جسم کي ڳڙڪائڻ لاءِ…. سچُ ته اسان جيون جي ان حالت ۾ پهچي چڪا آهيون، جو ڌرتي، پيرن هيٺيان نڪري پئي، درياه کسيو پيو وڃي…. ايندڙ وقت ۾ الائي ڇا ٿئي؟