ڌرتيءَ ۽ درياءَ سان عشق

0
48
ڌرتيءَ ۽ درياءَ سان عشق

  صدين کان سنڌو ساهتي پرڳڻي مان به پنهنجي جاهه و جلال سان وهندو رهيو آهي. ساهتيءَ جا ڪافي واهڻ، ننڍا وڏا ڳوٺ هن شينهن بادشاه جي ڪناري تي آهن. انهن مان ئي ‘مَڃُٺَ’ جي نالي سان هڪ ڳوٺ پڻ آهي. درياه جي کاٻي ڪناري تي بچاءَ بند جي ٻاهران موجود نئين مڃٺ ۽ اندران موجود پراڻي مڃٺ. مَڃُٺَ لفظ سنسڪرت جو آهي، جنهن جي معنى بيهي ٿي، ‘ڪاٺيءَ جي صورت اهو پنسارڪو وکر، جنهن مان ڳاڙهو رنگ ٺاهيو وڃي’. سال 2024 ۾ جڏهن درياه مڃٺ جي بچاءَ بند تائين پهچي ويو ته ان کي ڏسڻ لاءِ سوين ماڻهو اچڻ لڳا. منهنجو به وڃڻ ٿيو. ڪچيءَ جي ڪافي ڳوٺ عظيم نديءَ جي گهيري ۾ هئا. مان انهن کي ڏسي پريشان ٿي ويس، پر منهنجي پريشاني، ان وقت حيرتن ۾ تبديل ٿي وئي جڏهن انهن ڳوٺن جا ماڻهو بيحد  خوش نظر آيا. “شاه (درياه جي نالي) اسان جو مهمان آهي، اسان جي در آيو ته خوشيون ملهائڻ گهرجن!” اتي موجود هڪ شخص ڳالهايو. مون ڏٺو ته درياه کي ڏسندي انهن جا چهرا مسرت ۾ ٻَهِڪي رهيا هئا. هنن جي چوڻ موجب، “هاڻي پاڻيءَ جو چاڙهه اهو ناهي رهيو، جيڪي ڪجهه ڏهاڪا سال اڳ ٿيندو هو”. اڄ جڏهن ڪجهه مهينن جي وٿيءَ سان درياه ۾ پاڻيءَ جي اڻاٺ آهي ته مان انهن جون ڳالهيون تصور ۾ آڻي سوچيان ٿو. اسان جي ‘لائيف لائين’ درياءُ آهي؛ جيڪڏهن اسان کان اهو کسيو ويو ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ ساهتيءَ ڇا سڄي سنڌ جو ئي گذر سفر ان ساگر جيڏي درياءَ تي ئي آهي ته سنڌ ماٿري جي تهذيب به ان سان ئي ڳنڍيل ملي ٿي.

مان جنهن ڳوٺ موجود هئس، اهو سهتن جو هو. هونءَ به مڃٺ جي آس پاس ۾ سهتا ذات وارا ماڻهو گهڻا آهن. ويجهڙائي ۾ علائقي جي معتبر شخصيت مظهر حسين سهتي جو انتقال ٿي ويو هو. ماڻهو، ان جون چڱايون ياد ڪري رهيا هئا. هڪ همراهه ٻڌائي ٿو ته نئين مڃٺ ۾ سڀ دڪان مظهر حسين سهتي جي زمين تي ٺهيل آهن، سال گذرڻ باوجود هو انهن کان مسواڙ ناهي وٺندو. هڪ ڀيري ڳوٺ جي ڪجهه ماڻهن سماجي تنظيم جوڙي ۽ مظهر صاحب وٽ ويا ته کين اجازت ڏني وڃي ته دڪاندارن تي هڪ سؤ روپيا ماهوار رکيو وڃي، جيئن تنظيم جو ڪار وهنوار هلائي سگهجي. سهتي صاحب اهو چئي منع ڪيو ته جيڪي پئسا ٺهن، اهي هن کان ورتا وڃن؛ دڪاندارن کي ڪجهه نه چئو. هن جي سخاوت جون ڪيتريون ڳالهيون تَرَ ۾ مشهور آهن. هن وقت مظهر حسين جو سوٽ مقبول احمد سهتو، يو سي مڃٺ جو چيئرمين آهي. سماجي، سياسي تاريخ تي گهري نظر رکندڙ هن شخص جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي. هو تر جي 50 سالن جي تاريخ جو اکين ڏٺو شاهد آهي. پاڻ مختلف موضوعن تي دل کولي ڳالهائي ٿو، پر معاملو جڏهن درياه بادشاه ۽ ان جي رستي تي غير قانوني ڪئنالن جي صورت ناڪن جو اچي ٿو ته ڳنڀيرتا هن جي چهري تي عيان ٿيو وڃي.

مڃٺ جي ويجهو ساهتي پرڳڻي جي راڄڌاڻي درٻيلو آهي. درٻيلي کي ڊڀرو به چوڻ. ڊڀري جي معنى ‘ڊڀن واري زمين’ آهي. ‘درٻيلو’ خود ‘ڊڀرو’ جو بگڙيل اچار ئي آهي. سال 1540 ۾ همايون بادشاه، شير شاه سوريءَ کان لڪي سنڌ پهتو. هو شروع ۾ بکر آيو، اتان سيوهڻ پهتو ته شير شاه سوريءَ جي نياپي تي شاه حسن ارغون، همايون جي ناڪابندي ڪرڻ چاهي. پتڻن جي ملاحن کي حڪم ڪيو ويو ته ڪير به همايون کي درياه اڪرڻ لاءِ ٻيڙيون نه ڏئي. همايون، لڪندو سهڪندو درٻيلي پهچي ويو. ان وقت ارباب دائود ولد عمر شاه سهتو پرڳڻي جو راجا هو. جنهن فرار ٿيل بادشاه جي تمام گهڻي مهمان نوازي ڪئي. اهو ڄاڻندي به ته وقت جا حاڪم هن جا ويري آهن. ‘لب تاريخ ِ سنڌ’ هڪ ٻئي تاريخي مصدر ‘تواريخ ِ طاهري’ جي حوالي سان هڪ خط به نقل ڪيو آهي، جنهن ۾ همايون. پنهنجي هڪ امير ڏانهن خط لکي، درٻيلي جي سهتي سردار جي تمام گهڻي واکاڻ ڪئي آهي. ڪجهه تاريخن ۾ لکيو ويو آهي ته جڏهن همايون بادشاه، شير شاه سوري هٿان تخت وڃائي سنڌ پهتو، بکر جي علائقي ٻٻرلو چار باغ ۾ هن جي ملاقات عمر شاه سهتي سان ٿي؛ جيڪو ساهتي پرڳڻي جي وڃائڻ کانپوءِ ارغونن جي ملازمت ۾ اچي ويو هو. عمر سهتي سان گڏ هن جاڀائر ڪمال ۽ جمال به هئا. همايون سان ملاقات کانپوءِ مغل بادشاه هنن سان لکت ۾ واعدو ڪيو ته جڏهن هو سنڌ کي فتح ڪندو ته سندن کي ساهتي پرڳڻو مستقل طور لکي ڏيندو. اها خبر جڏهن ارغونن کي پئي ته عمر شاه سهتي هنن سان غداري ڪئي آهي ته بکر جي قلعي ۾ عمر شاه کي ڦاسي ڏياري ڇڏيائون، جڏهن ته سندس ڀائرن جمال ۽ ڪمال کي ڪوٽ جي برج تان هيٺ درياه ۾ ڪيرائي قتل ڪيو ويو. هي اهو ساڳيو برج هو جنهن تان ڪنهن زماني ۾ ناصرالدين قباچه پاڻ کي درياه ۾ ڪيرائي خودڪشي ڪئي هئي. بعد ۾ انهيءَ بُرج جو نالو ‘خُوني بُرج’ جي نالي سان مشهور ٿي ويو. هڪ ڏند ڪٿا موجب عمر شاه سهتي جو لاش ڳُجَهه ڳوهَه ۾ درٻيلي آندو ويو، ڪن مجبورين سبب اتي هن جي تدفين نه ٿي سگهي، جنهن کي بعد ۾ درٻيلي کان ٽي ڪوهه ڏکڻ طرف ڀورٽيءَ ويجهو هڪ پتڻ جي ڪناري دفنايو ويو. اتي هو ‘عمر پير’ جي نالي سان مشهور ٿيو. هن جي ڪرامتن بابت مشهور هو ته درياه، ڪيترو به جوش ۾ هجي پر هن جي مزار کي ڪجهه نه ڪندو، پر ائين نه ٿيو سال 2011 جي مها ٻوڏ عمر پير جي مقبري کي لوڙهي وئي.

ياد رهي ارغونن کي سهتن سان وڙهڻ جو اهو ته بهانو مليو هو، ان کان اڳ ٽَلٽيءَ جي جنگ ۾ سهتن، ماڇين ۽ سوڍرن (سوڍن) ڌارين خلاف پاڻ ملهايو هو. مخدوم بلاول جي نعري “ڌرتي خاطر ڌارين سان جنگ جائز ۽ عين مذهب مطابق آهي”. ڌارين حڪمرانن کي اخلاقي طور پستيءَ ۾ ڌڪي ڇڏيو هو. ڌاريا، جيڪي مقامي ماڻهن کي مسلمان ئي ڪونه سمجهندا هئا. ٽَلٽيءَ جي جنگ ۾ ظاهري طور ته ڪامياب ٿيا، باطني طور تي شڪست کائي ويا. نتيجي ۾ ارغونن ۽ ترخانن کي سدائين مقامي قبيلن خلاف نفرت جي آڙاهه ۾ اڇلائي ڇڏيو. عمر شاه سهتي ۽ ان جي ڀائرن سان ظلم به ان سلسلي جي ڪڙي هئي.

ٻئي پاسي ‘تواريخ ِ طاهري’ جو مصنف مير طاهر بن سيد حسين ٺٽوي بابت سر ايلئيٽ لکيو آهي ته، “هو ارباب دائود جو ڀاڻج ۽ عمر شاه سهتي جو ڏهٽو هو، جنهن ڪافي وقت درٻيلي ۾ پنهنجي ناناڻن وٽ گذاريو”. ڪجهه تاريخن ۾ اهو پڻ آهي ته ارباب دائود سهتي ۽ ان جي والد عمر شاه سهتي کي بکر جي نواب محمد خان ان ڳالهه تان ناراض ٿي مارائي ڇڏيو ته هنن همايون کي پاڻ وٽ پناهه ڏني آهي. هن سڄي معاملي ۾ ساهتيءَ جي سردارن جي مهمان نوازي ۽ سَام تان سر گهورڻ صاف نظر اچي ٿو. قول تي ڪُسجي وڃڻ، سنڌي ماڻهن جي سرشت ۾ شامل رهيو آهي. هو پنهنجي ڌرتيءَ ۽ درياه سان بي پناهه محبت ڪن ٿا. انهن ئي محبتن جي ڪهاڻين ۾ منهنجي نانا جي ڪهاڻي به شامل آهي، جيڪو ڌرتيءَ ۽ درياه کان پري نه ٿيو. هو پنهنجي وقت جو عالم فاضل، قرآن پاڪ جي ڏهن پارن جو حافظ، ڪمال مقرر، بهترين ليکڪ ۽ پرائمري استاد هو 43 سالن جي ڄمار ۾ درياه ۽ ڌرتيءَ جي هنج ۾ هليو ويو. امان ٻڌائيندي آهي ته هن کي ٽي. بي. (سلهه)  ٿي وئي، تنهن وقت جي لاعلاج بيماري، گهٽ ۾ گهٽ ٻهراڙين جي حد تائين… سال 1973، مَها ٻوڏ جو خطرو، ڪنڊياري جي ڪچي مان هزارين ماڻهو لڏپلاڻ ڪري رهيا هئا. نانا وارن جا سڀ مائٽ ڳوٺ خالي ڪري ويا. پويان هڪ گهر بچيو، انهن جو خيال هو ته ڪنهن به صورت گهر نه ڇڏڻ گهرجي، درياه مان ڪهڙو خطرو! ‘ڌرتي ماءُ ته درياه پيءُ هوندوآهي‘. ماڻهن جي سمجهائڻ ته زندگيءَ کان وڌيڪ ڪجهه ناهي، نانا پنهجي ضِدَ تي قائم رهيو. هو درياه جي پائڻ کان ست ڏينهن اڳ گذاري ويو. ٽيجهو ڪري ماما وارن گهر خالي ڪيو. پويان درياه بادشاه نانا جو گهر، لائبرري، ۽ بَخَشي شَاهَ جي مقام ۾ ان جي تازي ڪَچي بُٺِي سڀ ڪجهه پاڻ سان کڻي ويو. هو درياه ۽ ڌرتيءَ جي جهوليءَ ۾ اَبَدي آرامي ٿي ويو.