ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ سپر اسٽار عامر خان جي فلم ستاره زمين پر هڪ نئون رڪارڊ قائم ڪيو آهي، فلم گجني کي پوئتي ڇڏي ڏنو آهي. ستاره زمين پر پنهنجي ٻئي هفتي جي آخر ۾ باڪس آفيس تي شاندار ڪاروبار ڪيو ۽ ڏهن ڏينهن ۾ تقريباً 122 ڪروڙ رپيا ڪمايا. اهڙي طرح، فلم عامر خان جي ڇهين سڀ کان وڌيڪ ڪمائيندڙ فلم گجني جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو. ياد رهي ته 2008ع ۾ رليز ٿيل فلم ”گجني“ ڪل 232 ڪروڙ رپيا ڪمايا هئا. هاڻي ”ستاره زمين پر“ جو ايندڙ هدف ”ٺگز آف هندستان“ آهي، جنهن پنهنجي ٻئي هفتي ۾ 151.3 ڪروڙ رپين جو ڪاروبار ڪيو هو. ستاره زمين پر پنهنجي ٻئي آچر تي 14.50 ڪروڙ جي خالص آمدني ڪمائي ۽ ڏهن ڏينهن ۾ ڪل 122.65 ڪروڙ ڪمائي ورتا آهن. عامر خان جي اسٽارر فلم پنهنجي ٻئي هفتي ۾ پهرين جي ڀيٽ ۾ ٿورو گهٽ ڪمائي ڪئي. جڏهن ته، ان جو سبب اسڪرين شيئرنگ آهي ڇو ته اداڪاره ڪاجول جي فلم “ما” 27 جون تي رليز ٿي رهي آهي. عامر خان کي اميد آهي ته فلم “ستاره زمين پر” پنهنجي ٻئي هفتي جي آخر تائين 150 ڪروڙ رپين جو معيار حاصل ڪندي.