ڪراچي: ڌاڙي ڪيس ۾ نامزد  ڊي ايس پي عمير باجاري کي پوليس جو فل پروٽوڪول، بنا هٿڪڙي جي بڪتربند گاڏي ۾ اڳيان ويهاري عدالت ۾ پيش، عدالت جوابدار کي هڪ ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، پوليس جوابدار کي ميڊيا کان بچائڻ لاءِ پوئين دروازي کان کسڪائي رواني ٿي وئي، ڪالهه جوڊيشل مجسٽريٽ اولهه  جي عدالت ۾ پير آباد ٿاڻي جي حد مان واپاري جي گھر مان 4 ڪروڙن جي ڌاڙي واري ڪيس ۾ گرفتار ٽريني ڊي ايس پي عمير باجاري  کي بنا هٿڪڙي بڪتربند گاڏي ۾ اڳيان ويهاري فل پروٽوڪل ۾ پيش ڪيو ويو،  عدالت جاچ آفيسر جي درخواست منظور ڪندي جوابدار ڊي ايس پي يو ٽي عمير باجاري کي ھڪ ڏينھن لاء جسماني ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، واضح رهي ته عمير باجاري سميت ٻين جوابدارن تي اورنگي ٽائون جي علائقي پير آباد ٿاڻي جي حد  ۾ واپاري شاڪر خان جي گھر ۾ ڌاڙو ھڻڻ جو الزام آھي، ڪيس ۾ ڊي ايس پي يو ٽي عمير طارق باجاري سندس خاص مددگار پوليس اهلڪار فرح غني ۽ اهلڪار فرحان علي سميت پندرهن کان ويھ اهلڪار نامزد ڪيا ويا آهن، اڄ رمانڊ مڪمل ٿيڻ کانپوءِ کين اولهه جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.