ڌاڙيل گردي: “چري ڪيئن؟” چي: “ويران وير وڌ”!….

0
88
معاملي کي سنگينيءَ ڏانهن وٺي وڃڻ جي “سرڪاري ڪوشش”

سنڌ ۾ ڌاڙيلن جي وڌندڙ ڪاررواين ۽ ماڻهن جي اغوا تي وڌندڙ عوامي ڪاوڙ جو ڌرڻن جي صورت ۾ اظهار ۽ انتظاميه ۾ پيل ٻڙڌڪ کانپوءِ اهو سمجهيو پئي ويو ته هاڻي اغوا وارداتن ۽ ڌاڙيل گرديءَ ۾ ٺاپر ايندي ۽ ماڻهو سُک جو ساهه کڻندا پر ائين ٿي نه سگهيو ۽ “چري ڪيئن؟” چي: “ويران وير وڌ” جي مصداق ڌاڙيلن وري “ليٽ ڪڍڻ” شروع ڪري ڇڏي آهي. اغوا وارداتون وري تيزي سان وڌي رهيون آهن پر انهن جو فوڪس گهوٽڪي ٿي ويو آهي، جتي انهن جي ڪاررواين ۾ تيزي اچي وئي آهي. خبرن موجب: ڪچو ٻنڊي ٿاڻي جي حد ٽٻي مائينر پوليس چوڪيءَ تي هٿياربندن حملو ڪري ڊيوٽي تي موجود هڪ اهلڪار کي شهيد ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ڌاڙيل پوليس چوڪيءَ تان سرڪاري هٿيار ۽ گوليون کڻي فرار ٿي ويا. حملي وقت پڪٽ تي مقرر پوليس اهلڪار گُم هئا، جنهن ڪري پڻ سوال اٿڻ لڳا آهن ته اهلڪارن، ڌاڙيلن جي سهولتڪاري ڪندي کين واردات جو موقعو فراهم ڪيو يا اڃا ٻيو ڪو مسئلو هو؟ ان حوالي سان پڻ جاچ ٿيڻ گهرجي.

ڪشمور ۾ لڳل ڌرڻي ۽ پوءِ ڪنڌڪوٽ واري ڌرڻي کانپوءِ ڏوهن لاءِ ذميوار ٽڪندي، يعني “اشرافيه”، پوليس ۽ ڌاڙيلن جي جيڪا رسوائي ٿي ۽ انهن جو ڳٺجوڙ چٽو ۽ پڌرو ٿي سامهون آيو، تنهن خواري جو بدلو وٺڻ لاءِ هاڻي اهو ٽڪنڊو وڌيڪ سرگرم ٿي ويو آهي ۽ وارداتون ڪرڻ لڳو آهي. اڳ ۾ ته اهو تاثر هو ته اهي ڌاڙيل ايترا سگهارا آهن، جو رياست انهن جي اڳيان بيوس بڻيل آهي، جنهن ڪري انهن ڌاڙيلن خلاف فوج جي مدد سان آپريشن جا مطالبا به ٿيڻ لڳا هئا، پر هاڻي اهو واضح ٿي ويو آهي ته جيڪو ڳُڙ سان مَري، اُن کي زهر ڇو ڏجي! اهي ڌاڙيل، سندن سرپرست سردار ۽ انهن جي ڪمداري ڪندڙ پوليس لاءِ رڳو سخت انتظامي قدم کڻڻ ۽ انهن ۾ هٿ وجھڻ جي ضرورت آهي، فوج جي مدد سان ڪنهن وڏي آپريشن جي ضرورت ڪانه پوندي. تازن ڌرڻن کانپوءِ پيل دٻاءَ جي نتيجي ۾ مغوين جي بازيابيءَ مان پوليس جو جيڪو ڪردار سامهون آيو آهي، ان مان اها ڳالهه پڌري ٿي وئي آهي ته پوليس ۾ رڳو ڪجهه ڪاريون رڍون نه پر وڏو حصو انهن ڪارين رڍن تي مشتمل آهي. موجوده نگران حڪومت هن وقت پوليس آفيسرن جون بدليون ڪيون آهن، پر ڏوهن جي بساط تي مُهرن جي پوزيشن بدلائڻ سان ڪو گھڻو فرق نه پوندو، جيستائين انهن سردارن کي، جيڪي ڏوهن جي سرپرستي ڪن ٿا، قانون جي گرفت ۾ نٿو آندو وڃي. اسان اها ڳالهه سڀني سردارن لاءِ نٿا چئون پر اهي سردار، جيڪي ڪچي جا “ڪنگ” بڻيل آهن، ۽ ڏوهه انهن جي سرپرستي جي ڇٽيءَ هيٺان وڌي ويجھي ٿو. گھوٽڪي ويجهو پوليس چوڪيءَ تي ڌاڙيلن جي حملي ۾ هڪ اهلڪار جي شهادت وقت ٻيا پوليس اهلڪار ڪيڏانهن ويا هئا؟ اهي سوال نه صرف شهيد اهلڪار جي والد اٿاريا آهن پر اهي هر ماڻهو جا سوال آهن. سنڌ جي نگران انتظاميه امن امان جي حوالي سان ايندي ئي اعلان ته گھڻا ڪيا آهن پر هيستائين سڄي سرگرمي پوليس عملدارن جي بدلي کان اڳتي وڌي ناهي سگهي. اسان سمجهون ٿا ته نگران منتظمين کي ڪو وڏو خفو کڻڻو نه پوندو، رڳو پوليس کي فري هينڊ ڏيڻو پوندو ۽ ڏوهن جي سرپرستي ڪندڙ سردارن ۾ هٿ وجھڻو پوندو ته انهيءَ صورت ۾ ڏوهه گهٽجي سگهندا، باقي نگران جيستائين ڌاڙيلن خلاف ڪنهن وڏي آپريشن جو اهتمام ڪن، تيستائين ته ماڻهو اغوا ٿيندا رهندا. هونئن به نه 9 مڻ تيل گڏ ٿيندو ۽ نه ئي راڌا نچندي.

ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ ۾ اغوا انڊسٽري جي خاتمي لاءِ تُرت قدم کنيا وڃن. تازن ڌرڻن کانپوءِ ڏوهن واري ٽڪنڊي جي حيثيت ڀُرندڙ ڀُتي ڀِت واري سامهون آئي آهي، ان کي رڳو زوردار ڌڪو ۽ جھٽڪو ڏيڻ جي ضرورت آهي. انڪري سمجھڻ جي ڳالهه اها آهي ته ڏوهن جي راڪاس جو جنهن طوطي ۾ ساهه آهي، ان طوطي جو نالو آهي “سردار”، جنهن طوطي جي ڳچيءَ تائين جيستائين قانون جا هٿ نه پهچندا، تيستائين ڏوهن جي گھٽجڻ جا امڪان پيدا ٿي نه سگهندا.