سکر (بيورو رپورٽ) سکر جي ڪچي ۾ پوليس آپريشن جا پول پڌرا ٿي ويا، ڪچي مان ٽولي جي صورت ۾ هٿياربندن جي باگڙجي شهر گهمڻ واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي، وڊيو ۾ ڄاڻايل هٿياربند ڪچي مان پڪي باگڙجي شهر پهچي ويا پر پوليس خاموش تماشائي بڻيل رهي، باگڙجي اسٽينڊ جي چنڊ قدم مفاصلي تي باگڙجي ٿاڻو هجڻ باوجود موٽر سائيڪلن تي سوار هٿياربند باگڙجي شهر ۾ داخل ٿيا، پوليس پاران ڪچي ۾ پڪٽون قائم ڪري ڏوهارين جي چر پر تي ڪڙي نظر رکڻ جون دعوائون ڌوڙ ٿي ويون، ذريعن موجب ڏوهاري مرچ ناريجو وڊيو رڪارڊ ڪئي، جڏهن ته ان سان گڏ ٻيا ڏوهاري به ساڻس گڏ هئا، ذريعن مطابق 10 کان وڌيڪ موٽر سائيڪلن تي سوار ٿي ڪچي کان ھٿياربند باگڙجي شهر پهتا، هڪ موٽر سائيڪل تي 3 هٿياربند سوار هئا، جن رستي تي ٽڪ ٽاڪ پڻ ٺاهيا، هٿ ڪيل وڊيو ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي پاران ڪچي ۾ ڏوهارين خلاف آپريشن تي سوال اٿاري ڇڏيا، ذريعن موجب هٿياربندن جي ٽولي جي پهچڻ تي باگڙجي شهر ۾ خوف پيدا ٿي ويو، وڊيو متعلق ڊي آءِ جي فيصل عبدالله چاچڙ ۽ ايس ايس پي اظهر مغل سان رابطو ڪري موقف معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر هنن ڪال اٽينڊ نه ڪئي.