ڪراچي(نمائندن وٽان) جيئي سنڌ محاذ جي سڏ تي سنڌو درياءَ، ڪارپوريٽ فارمنگ سميت ٻين مسئلن تي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا آهن، ان ڏس ۾ حيدرآباد پريس ڪلب سامهون پرويز سنڌو ، نريش بجير، حيدر چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو. ٽنڊوآدم ۾ جيئي سنڌ محاذ جي مرڪزي سڏ تي منٺار چولياڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،  ڪنري ۾ امتياز چانڊيو، نظر ڀٽي، نريش ڪمار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي نيشنل پريس ڪلب آڏو مظاھرو ڪيو، رتيديري ۾ اياز بليدي، عالم پناه ابڙو، ديشي ميراڻي، بدر جتوئي، حسين جوڻيجو، ڪامل ابڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو. شهددڪوٽ ۾ حبدار علي ميرجت، ڪامريڊ بچل باغي، آصف منگي ۽ ٻين احتجاج ڪيو، ٺل ۾ اڳواڻن شعيب سنڌي، ڪامريڊ خان سرڪي، ڪامريڊ برڪت لاشاري، اعجاز علي، سجاد سنڌي، حزب الله سنڌي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو. شڪارپور ۾ معصوم انس ٿهيم جي بازيابي ۽ روهيت اوڏ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ هاٿيدر کان لکيدر گھنٽا گھر چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ريلي جي اڳواڻي عمران منگي، اسد سومرو ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا. ڀان سيدآباد ۾ اياز سولنگي ،ياسين چانڊيو ، نجف سولنگي ، غفور بلوچ جي اڳواڻي ۾ مظاهرو پريس ڪلب اڳيان نٽهڻ اس ۾ ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي وئي. ميرپوربٺورو ۾ قومي پارٽي جي اڳواڻ مختيار زئور، علي رضا خاصخيلي، نور محمد چانڊيو ۽ دائود زئور جي اڳواڻي ۾ کورواھ اسٽاپ تي مظاھرو ڪري سخت نعربازي ڪئي وئي، چوھڙجمالي ۾ جيئي سنڌ قومي پارٽي پاران سنڌو درياھ تي ڪئنال اڏڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف مرڪزي چيئرمين نواز خان زنئور محمد علي خشڪ ڪامريڊ يوسف ڪنڀار  قادر بخش زئنور جي اڳواڻي ۾ شاھبندر چوڪ کان پيادل مارچ ڪري مدني چوڪ تي سخت احتجاج ڪيو ويو.  ان موقعي تي نواز خان زئنور ۽ ٻين چيو ته وفاقي حڪومت سنڌو دريا تي غيرقانوني 6 ڪئنال اڏي سنڌ کي ڀڙڀانگ ڪرڻ چاهي ٿي سنڌو تي ڪئنال ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيا ويندا سنڌو تي ڌاڙو ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو ڪارپوريٽ فارمنگ جي آڙ ۾ سنڌ جي زمينن کي ڌارين جي حوالي ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي سنڌ جون زمينون مال غنيمت سمجهي ڌارين کي تحفي طور ڏيڻ جي رٿا ڪئي پئي وڃي سنڌ جي ماڻهن کي هن مسئلي تي اٿڻ گهرجي جيڪڏهن هاڻي به سنڌ جا ماڻھو سجاڳ نه ٿيا سنڌ دشمن سنڌ کي تباھ ڪري ڇڏيندا. سنڌ واسي ٻٻرلو ڌرڻي وانگي ٻيهر ميدان ۾ ايندا