ميرپور ماٿيلو: شهيد اهلڪار خالد حسين ميمڻ جي جنازي نماز بعد ميڊيا نمائندن سان ڳالهائيندي ايس ايس پي گهوٽڪي تنوير تنيي چيو ته ڌاڙيل هاڻي ڏينهن ڏٺي حملا ڪري رهيا آهن. پوليس اهلڪارن تي حملو بزدلاڻي ڪارروائي آھي. جوانن جو خون رائيگان نه وڃڻ ڏينداسين. پوليس پنهنجي حڪمت عملي تحت ڪم ڪري رهي آهي.