ڪوٽڙي محمد ڪبير/خانواهڻ (نمائندن وٽان) جيئي سنڌ محاذ چيئرمين رياض چانڊيو، زاھد شنڀاڻي، عامر عمراڻي، ابرار مورائي، فريد خاصخيلي، پريس ڪلب ڪوٽڙي ڪبير پھچي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ھٿرادو اسان جي مٿان بدامني، ڌاڙيل راڄ مڙھيو ويو آهي، ڌاڙيل راڄ کي مڪمل سرڪار جي پٺڀرائي حاصل آهي، اھو ئي سبب آهي جو رات دير سان ماڻهو آزاد ٿيا آهن، سنڌ جي ماڻهن جي جدوجهد آهي جيڪي ڪشمور ۾ سنڌ ڌرتي جا وارث سنڌي پاڻ روڊن تي نڪتا آهن، جيئي سنڌ رھبر ڪاميٽي پاران 17 سيٽمبر تي سکر ۾ ريلي ڪڊي ويندي، جيڪا مھانگائي ۽ ڌاري آبادگاري خلاف ھوندي، سموري سنڌ کي شرڪت جي اپيل ڪجي ٿي، ٻئي طرف جيئي سنڌ محاذ جو چيئرمين رياض چانڊيو وفد سان گڏ خانواھڻ پھچي شھيد نياڻي فاطمه ڦرڙو جي وارثن سان تعزيت ڪئي، رياض چانڊيو مظلوم نياڻي جي وارثن سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو ته سڄي سنڌ جو شعور فاطمه ڦرڙو جو وارث آھي، ھتي قانون جي حڪمراني نه آهي ھاءِ پروفائيل بڻيل ڪيس ۾ پوليس جي ڪارڪردگي مشڪوڪ لڳي ٿي، ڪيس ۾ ملوث جوابدارن خلاف ڪارروائي ۾ ڪابه اڳڀرائي نه ٿي سگهي آهي، اعليٰ عدالتي جاچ ڪاميٽي جوڙي وڃي ته جيئين مظلوم نياڻي جي خون سان انصاف ٿئي.