بدنام ڌاڙيل ثناءُ الله شر ٽن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي

0
271

اوٻاوڙو جي عدالت بدنام ڌاڙيل ثناءُ الله شر کي ٽن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، پوليس ثناءُ الله شر ۽ ٻين خلاف مقابلي جي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ بعد کيس عدالت آڏو پيش ڪيو

 ذريعن موجب ثناءُ الله شر کي گذريل ڏينهن ٻن عورتن سميت حراست ۾ ورتو ويو هو، ذريعن موجب ثناءُ الله شر پنهنجي گهر واري ۽ هڪ عزيز عورت سان گڏ ٽيڪسي ۾ سوار ٿي شڪارپور کان ڪراچي وڃي رهيو هو

 شڪارپور جي ٽول پلازه وٽ پوليس کيس عورتن سميت حراست ۾ ورتو، ذريعن موجب گرفتار ڪيل ٻئي عورتون پوليس جي تحويل ۾ آهن

ان کان اڳ رائونتي جي ڪچي جي بدنام ڌاڙيل سوشل ميڊيا تي وائرل ڌاڙيل ثناءُ الله شر سميت 6 سڃاتل 2 اڻ سڃاتل جوابدارن مٿان رائونتي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو

ٽائيم نيوز جي ذريعن موجب ته ڌاڙيل ثناءُ الله شر جو فون تي عورتن سان رابطو هوندو هو، جن سان هو ملڻ لاءِ پنهنجو روپ تبديل ڪري ڪچي کان پڪي پهتو

گهوٽڪي پوليس پاران ڌاڙيل ثناءُ الله عرف ثنو شر سان گڏ ٻن عورتن کي به گرفٿار ڪيو آھي جيڪي پوليس تحويل ۾ آھن

ثنو شر ٻه ڏينهن اڳ رائونتي ڪچي واري علائقي کان نڪتو هو جيڪو شڪارپور پهتو جٿان ٽيڪسي ڪار گهرائي ٻن عورتن سان گڏ   شڪارپور کان حيدرآباد وڃي رهيو هيو ته شڪارپور ٽول پلازه وٽ گهوٽڪي پوليس گرفتار ڪيو هو

هوڏانهن گھوٽڪي پوليس بدنام ڌاڙيل ثناءُ الله عرف ثنو شر کي رائونتي جي ڪچي مان مبينا مقابلي بعد گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي هئي، جنهن کي پوليس پھري ۾ ايس ايس پي آفيس آندو ويو

ايس ايس پي  گھوٽڪي انور کھيتران پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته بدنام ڌاڙيل ثناءُ الله شر کي رائونتي ڪچي مان مقابلي بعد  ڪلاشنڪوف سميت گرفتار ڪيو ويو آھي سندس 2 ساٿي فرار ٿي ويا آھن

هي به پڙهندا

رائونتي: 5 اهلڪارن جي شهادت ۾ ملوث انعام يافته بدنام ڌاڙيل ثناءُ الله شر گرفتار