قومي اسيمبلي جي استحقاق بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي جي اجلاس دوران اهو انڪشاف ٿيو آهي ته ڌاڙيلن وٽ آمريڪي هٿيار آهن، اهي هٿيار، جيڪي آمريڪا افغانستان ۾ ڇڏي ويو هو. پنجاب جي ڪَچي واري علائقي ۾ آپريشن جي حوالي پوليس اختيارين اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ کي ٻڌايو ته پنجاب پوليس وٽ اهي هٿيار ناهن، جيڪي ڌاڙيلن وٽ آهن. ڌاڙيلن وٽ اهڙا جديد هٿيار آهن، جن سان اهي ٻه ٻه ڪلوميٽر پري کان پوليس جي نوجوانن کي نشانو بڻائين ٿا. پوليس پاران اهو به اعتراف ڪيو ويو ته هي اهي ئي هٿيار آهن، جيڪي آمريڪي افغانستان ۾ ڇڏي ويا هئا. ڪَچي ۾ آپريشن لاءِ پوليس کي به اهي هٿيار ڏنا وڃن ۽ انهن لاءِ اين او سي ورتي وڃي ٿي. اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ گهرو ۽ دفاعي پيداوار وزارت کي هٿيارن جي فراهمي لاءِ سفارش ڪري ڇڏي.
سنڌ ۽ پنجاب جي ڪَچي وارن علائقن ۾ ڌاڙيل، انتظاميا لاءِ چئلينج بڻيل آهن. جنهن جو هڪ سبب اهو آهي ته ڌاڙيلن وٽ انتهائي جديد هٿيار آهن. هاڻي پنجاب پوليس قومي اسيمبليءَ جي اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ جي اڳيان اهو انڪشاف ڪيو آهي ته اهي آمريڪي هٿيار آهن، جيڪي آمريڪي افغانستان ۾ ڇڏي ويا هئا. هتي اهو سوال پڇي سگهجي ٿو ته اهي آمريڪي هٿيار ڌاڙيلن وٽ آخر ڪيئن پهتا؟ سرحدن جي چوڪسي ڪنهن جي ذميواري آهي؟ هٿيار پهچڻ جا گهٽ گهيڙ ڇو بند نه ڪيا ويا؟ جڏهن ڌاڙيلن وٽ اهي جديد هٿيار هجن، جيڪي صرف فوج وٽ هوندا آهن ته ڌاڙيلن سان مقابلو به فوج ئي ڪري سگهي ٿي، جيڪا تربيت يافته فورس آهي. هن کان اڳ ۾ جڏهن راجن پور واري ڪَچي ۾ ڇوٽو گينگ خلاف آپريشن ڪيو ويو هو ته ان ۾ ڪاميابي ان ڪري ٿي هئي جو ان آپريشن ۾ فوج استعمال ڪئي ويئي هئي. پنجاب پوليس جديد هٿيارن جي گهر ڪئي آهي، جنهن لاءِ اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ گهرو ۽ دفاعي پيداوار وزارت کي سفارش ڪئي آهي. پوليس کي جديد هٿيارن جي فراهميءَ ۾ اڃان وقت لڳندو. هٿيارن جي خريداريءَ کانپوءِ پوليس کي اهي هٿيار استعمال ڪرڻ جي تربيت گهربل هوندي. هٿيار به خريد ڪرڻ گهرجن، پوليس کي جديد هٿيارن جي تربيت به ملڻ گهرجي پر ايستائين ڌاڙيلن طرفان ٿيندڙ تباهيءَ کي برداشت ڪجي؟ ڌاڙيلن جي زندگي مختصر ڪرڻ لاءِ فوج ذريعي ترت ئي آپريشن ڇو نه شروع ڪجي؟
پنجاب وانگر سنڌ ۾ به اڌ ڊزن کان وڌيڪ اترين ضلعن ۾ ڌاڙيلن ماڻهن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. انهن ڌاڙيلن وٽ به انتهائي جديد هٿيار آهن. اهي ئي ساڳيا هٿيار ٿي سگهن ٿا، جيڪي پنجاب جي ڌاڙيلن وٽ هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ظاهر آهي ته اهڙا جديد هٿيار رکندڙ ڌاڙيلن سان پوليس روايتي هٿيارن سان ته مقابلو نٿي ڪري سگهي. ان جو وڏو مثال سنڌ ۾ هلندڙ پوليس آپريشن آهي، جنهن ۾ پوليس پنهنجو وڏو جاني نقصان ڪرائي موٽي ايندي آهي. پنجاب جي ڀيٽ ۾ سنڌ ۾ اغوا انڊسٽري عروج تي آهي. جهڙو آزار سنڌ ۾ آهي، اهڙو شايد پنجاب ۾ نه هجي. سنڌ جو عوام گهر ڪندو رهيو آهي ته رينجرز ۽ فوج ذريعي ڌاڙيلن خلاف ڀرپور آپريشن ڪيو وڃي، پر سنڌ پوليس انتظاميا بضد آهي ته پهرين جديد هٿيارن جي خريداري ڪئي وڃي. نتيجي ۾ سنڌ ۾ ڌاڙيل بنان روڪ رنڊڪ جي ماڻهو اغوا ڪري رهيا آهن ۽ هاڻي ته معصوم ٻارڙا اغوا ڪرڻ جو نئون ٽرينڊ هلي پيو آهي، جنهن جو اعتراف سنڌ پوليس جا آفيسر به ڪري رهيا آهن. سنڌ ۾ هن وقت به ڪيترائي معصوم ٻارڙا ڌاڙيلن وٽ يرغمال بڻيل آهن. ڪو گهڻو عوامي دٻاءُ پوي ٿو يا احتجاج ٿين ٿا ته پوليس آفيسر ڌاڙيلن سان ڳالهيون ڪري/ڊيل جي ذريعي ٻار آزاد ڪرائين ٿا، جيئن ڪنڌڪوٽ جي سمرت ڪمار واري معاملي ۾ ڪيو ويو، نه ته پوليس به لاتعلق بڻيل رهي ٿي.
ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته فوج جي ذريعي سنڌ ۽ پنجاب جي ڪَچي ۾ ڌاڙيلن خلاف هڪ ئي وقت ڀرپور آپريشن ڪري انهن کي ناس ڪيو وڃي. اهي جديد هٿيار هٿ ڪري پوليس کي ڏنا وڃن ته جديد هٿيارن جي خريداريءَ وارو خرچ پڻ بچي پوندو. ٻي اهم ڳالهه اها آهي ته جديد ۽ خطرناڪ هٿيارن جي پهچ ۽ وڪري جا گهٽ گهيڙ بند ڪيا وڃن.