چڪ: عورتاڻي آواز توڙي مختلف طريقن سان ماڻهن کي ڀنگ لاءِ اغوا ڪندڙ ڪچي جا اڻپڙهيل ڌاڙيل جديد ٽيڪنالاجي جو فائدو وٺندي ڪال ٽريسنگ جي تڪڙي خطري کان بچڻ لاءِ ڀنگ جي سموري پئسن جي ڏيتي ليتي واٽس ايپ ذريعي ڪن ٿا، ذريعن موجب مهانگين موبائيل فونز جي مڪمل انگلش ايپ کي مهارت سان استعال ڪندي وائيس چينجر ذريعي ماڻهن سان رابطا ڪن ٿا، ڪجهه ڌاڙيلن پاران وري ماهوار پگهار تي عورتون رکيل آهن، جيڪي فون ڪال توڙي واٽس ايپ وڊيو ڪال ذريعي شڪار کي ڦاسائي اغوا ڪرائين ٿيون.