مٽياري/ ڀٽ شاهه/کيبر/شهدادپور(نمائندن وٽان)  آءِ جي سنڌ رفعت مختار کيبر لڳ وساڻ بنگلو ۾ پوليس هيڊڪوارٽر جو افتتاح ڪرڻ ۽ شهدادپور پوليس ٽريننگ ڪاليج ۾ پاسنگ آئوٽ پريڊ کي خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته صحافي جان محمد مهر قتل ڪيس جي جاچ لاءِ ٽيم جوڙي هفتي اندر رپورٽ طلب ڪئي آهي، جنهن اڃا تائين رپورٽ نه ڏني ته ان خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، غير قانوني افغانين خلاف آپريشن جاري آهي، حڪومتي الٽيميٽم ختم ٿي چڪو آهي، اسان انهن خلاف ڪارروائي ڪئي آهي، غير قانوني طور ترسيل افغانين جي ڊيٽا به گڏ ڪئي پئي وڃي،  هن چيو ته سنڌ ۾ غيرقانوني رهندڙ افغانين جو انگ 28 هزار کان مٿي آهي، اسان 12 سو کي واپس اماڻيو آهي، هن چيو ته ڪچي واري علائقن آپريشن جاري آهي اسانجي اچڻ کانپوءِ سنڌ اندر بدامني تي ڪنٽرول ٿيو آهي. ڌاڙيلن خلاف ڪارروائي  ڪرڻ لاءِ جديد هٿيارن نه آھن. هوڏانهن آءِ جي سنڌ رفعت مختار ڀٽ شاھ پهچي درگاھ حضرت شاھ عبدالطيف ڀٽائي رح جي مزار تي حاضري ڀري دعا گهري ۽ درگاھ جي صحن ۾ راڳي فقيرن کان شاھ لطيف جو راڳ ٻڌو. ميڊيا سان ڳالهائيندي آءِ جي سنڌ رفعت مختار چيو ته سنڌ پوليس اندر غير قانوني طور ڀرتي ڪيل اهلڪارن جون 2017 ۾ آءِ جي اي ڊي خواجا نوڪريون ختم ڪيون هيون سنڌ پوليس ۾ 8000 ڀرتيون شروع ڪري رهيا آھيون جنهن ۾ ميرٽ جي بنياد تي نوجوان ڀرتي ڪيا ويندا، سنڌ جي ٿاڻن جو صورتحال هن وقت به تمام گهڻي خراب آھي.