ملير (رپورٽر) سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار چيو آهي ته ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف ڀرپور آپريشن لاءِ وفاقي گهرو وزير  سان ڳالهه ٻولهه ٿي آھي، ڌاڙيلن خلاف پنجاب ۽ بلوچستان پوليس کي به ڪاروائي ڪرڻ گهرجي ته جيئن  سنڌ پوليس جي آپريشن سبب بلوچستان ڏانهن فرار  ٿيندڙ ڌاڙيلن جو گهيرو تنگ ڪجي، ڪالهه پاسنگ آئوٽ پريڊ کي خطاب ڪندي  هن چيو ت سنڌ مان ڪجهه  ماڻھو اغوا ٿيل آھن، جن جي بازيابي لاء پوليس ڪوشش ڪري رهي آھي، هن چيو ته منشيات فروشن خلاف ڪارروايون جاري آھن ،صحافي ۽ عوام منشيات فروشن جي نشاندهي ڪن، هن چيو  ته منشيات جي عادي ماڻھن جي علاج لاءِ سنڌ ۾ ريهيبليٽيشن سينٽر قائم ڪيا ويندا هن چيو ته ڪراچي وڏو شھر آھي، جتي اسان تي گهڻي تنقيد ٿيندي آھي، هن وقت اسٽريٽ ڪرائيم ۾ گهٽتائي آئي آھي .