ڪراچي/ شڪارپور(نمائندن وٽان) آءِ جي سنڌ ڌاڙيلن خلاف آپريشن دوران شڪارپور جي ايس ايس پي خالد مصطفيٰ ڪورائي کي هٽائي ڇڏيو، جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب خالد مصطفي ڪورائي کي فوري طور تي سي پي او ۾ رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي، سندس جاءِ تي ڊاڪٽر محمد عمران کي ايس ايس پي شڪارپور مقرر ڪيو ويو. واضح رهي ته سنڌ حڪومت شڪارپور ۾ بدامني سبب خالد مصطفي ڪورائي کان ناراض هئي، گھرو وزير خالد مصطفي ڪورائي کي هٽائڻ جو اڳواٽ اعلان به ڪيو هو، ايس ايس پي شڪارپور تي سندس ماتحت ڊي ايس پي به سنگين الزام هنيا هئا، آءِ جي انهي ڊي ايس پي کي به هٽائي چڪو آهي،