ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جوڊيشل مئجسٽريٽ اولهه جي عدالت اورنگي ۾ واپاري جي گهر ۾ 4 ڪروڙن جي  ڌاڙي واري ڪيس ۾ سيکڙاٽ ڊي ايس پي عمير باجاري جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي طلب ڪري ورتو، ڪالهه ٻڌڻي دوران ڊي ايس پي عمير طارق باجاري پيش نه ٿيو، سندس وڪيل حاضري کان ڇوٽ جي درخواست ڏني، جنهن تي عدالت ڊي ايس پي عمير طارق باجاريءَ جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪري ورتي، جڏهن ته جيل اختيارين ٻين گرفتار جوابدارن کي پيش ڪيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم جي ڪاپي به عدالت ۾ پيش ڪئي وئي، ڪالهه ٻڌڻي دوران پوليس چالان جمع ڪرائڻ لاءِ مهلت گهري ورتي، عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي ڪيس جو چالان جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.