ڌاٻيجي(ن پ ا) سنڌو درياءَ مٿان ڪينال اڏڻ خلاف پي ٽي آءِ ۽ جسقم پاران شهر جي  مک چوڪ کان ڌاٻيجي  پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي، ان موقعي تي پي ٽي آءِ اڳواڻ  سميع الله ناريجو، جسقم اڳواڻ لطف سومرو، خير محمد ڀنڊ، سوشل ورڪر فهيم انصاري ۽ ٻين مظاهري کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌو درياهه مٿان ڪئنال اڏي سنڌ کي بنجر بڻائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، جيڪا ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪبي، وفاق سان پ پ ان منصوبي ۾ ٻٽ بڻيل آهي، جنھن سَبب پيئڻ جي پاڻي جو بُحران وَڌي وِيو آھي، آبادگار ۽ مالوند طبقو سخت پريشان حال بڻيل آھي، سارين ۽ ڪپھه جي فصل جي پوکي به متاثر ٿي رهي آهي، پاڻي جي کوٽ سبب پيئڻ جي پاڻي جو بحران وڌيڪ شدت اختيار ڪندو پيو وڃي، لکين ايڪڙن تي بيٺل فصل سُڪي رھيو آھي، ھاڻي ته پيئڻ لاءِ به پاڻي نٿو ملي.