ڌاٻيجي(ن پ ا) ڌاٻيجي جي جابلو علائقي ۾ ٽريڪٽر ٽرالي ۾ مٽي ڀرڻ دوران اوچتو چپ ڪرڻ سبب 2 پورهيت جبار مري ۽ عامر جمالي مٽي جي ڇپ هيٺان دٻجي ڌڪ لڳڻ ۽ ساهه ٻوساٽجڻ سبب فوت ٿي ويا، اهڙي اطلاع تي مقامي ماڻهن پهچي کوٽائي ڪري ٻنهي پورهيتن جا لاش ٻاهر ڪڍي ورتا، جن کي فوري طور تي گهارو رورل هيلٿ سينٽر آندو ويو، جتي قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ بعد ٻئي مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا، پورهيتن جا لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.