ڌاٻيجي(ن پ ا) ڌاٻيجي مل ايريا ۾ قائم نجي فيڪٽرين اندر مقامي پورهيتن سان زيادتين جو سلسلو رڪجي نه سگهيو، فيڪٽرين انتظاميا گذريل 12 ڏينهن کان نجي فيڪٽري بند ڪري ڇڏي آهي، جنهن سبب پورهيت فاقا ڪشي سبب عذاب واري زندگي گذارڻ تي مجبورٿي ويا آهن، انتظاميا جي ظلم خلاف پورهيتن رتا الله ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مک گيٽ اڳيان ڌرڻو هڻي احتجاج ڪندي چيو آهي ته اعليٰ اختيارين نوٽيس وٺي ڌاٻيجي مل ايريا ۾ قائم نجي فيڪٽري انور ٽيڪسٽائل مل جي انتظاميا بنا ڪنهن سبب جي گذريل 12 ڏينهن کان بند ڪري ڇڏي آهي، اٽي ۾ لوڻ برابر ڪم ڪندڙ مقامي پورهيت کان نجي جيل جيان ڪم ورتو وڃي ٿو، پنهجي جائز حقن لاءِ احتجاج ڪندڙ تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي ان کي هيسايو وڃي ٿو. اختياريون بند پيل فيڪٽري هلائي ڪري مقامي پورهيتن کي بک بدحالي ۽ فاقا ڪشي کان بچايو وڃي.