ڌاٻيجي(ن پ ا) ڌاٻيجي بلال نگر 2 جي رهواسين شبير راجپوت ڌاٻيجي پريس ڪلب ۾ صحافين اڳيان دانهيندي چيو آهي ته منهجي گهر تي منهنجي طلاقيل زال نسرين آرائين ۽ منهنجي نافرمان پٽ شفيق احمد گهر تي قبضو ڪري مونکي سخت تشدد جو نشانو بڻائي گهران بيدخل ڪري ڇڏيو آهي، جنهن کانپوءِ مون سميت منهنجا ٻار دربدري واري زندگي گهارڻ تي مجبور ٿي ويا آهيون، هو لوفر ماڻهو وٺي اچي ڪري اسان تي تشدد ڪري ٿا، جنهن سبب اسين خوف واري زندگي گزارڻ تي مجبوي ٿي ويا آهيون، هنن وس وارن ايس ايس پي ٺٽو کان اپيل ڪندي چيو فوري طور تي نوٽيس وٺي ڪري کين تحفظ فراهم ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي.