ڌاٻيجي(رپورٽ: شبير علي جوکيو) ڌاٻيجي لڳ ڳوٺ آچار سالار جوکيو  سوئي گيس پائپ لائين ڀرسان بگٽي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو، گوليون لڳڻ سبب پيرسن  عبدالستار بگٽي مارجي ويو،  فائرنگ سبب مقتول جو پٽ  عظمت الله  سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي ڪراچي اسپتال منتقل ڪيو ويو، قتل ٿيل پيرسن جي وارثن الزام مڙهيندي چيو ته اسان جو پنهنجي ئي  برادري سان جهيڙو هلندڙ هو، جن اسان جي پيرسن کي قتل ڪيو آهي ۽ هڪ زخمي ڪري وڌو آهي، اسٽيل ٽائون پوليس پهچي ڪري لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، جتان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، ٻئي پاسي واقعي سبب علائقي ۾ خوف واري صورتحال پيدا ٿي وئي.