ڌاٻيجي لڳ خوفناڪ حادثو، ڪارن کي باهه، گهوٽ ڪنوار سميت چار ڄڻا اجل جو شڪار

0
15
ڌاٻيجي لڳ خوفناڪ حادثو، ڪارن کي باهه، گهوٽ ڪنوار سميت چار ڄڻا اجل جو شڪار
ڌاٻيجي لڳ خوفناڪ حادثو، ڪارن کي باهه، گهوٽ ڪنوار سميت چار ڄڻا اجل جو شڪار

ٺٽو/ ڌاٻيجي (نمائندن وٽان) ڪراچي ٺٽو ڊيول ڪيوريج وي ( ڪي ٽي ڊي سي ) جي هنڌان هنڌان ٽٽڻ سبب گاڏين وچ ۾ پيش ايندڙ روڊ حادثا روز جو معمول بڻجي ويا آهن ان ڏس ۾ پڻ خيمس ڏهاڙي ڌاٻيجي ويجھو ٻن ڪارن ۾ ٽڪر لڳڻ سبب هڪ ڪار ۾ باھه لڳڻ جي نتيجي ۾ ٻنهي ڪارن ۾ سوار 4 ڄڻا ٺٽي جي مشهور ٺڪيدار ۽ دبئي شاپنگ مال مڪلي جي مالڪ شبير عرف ڪاڪا ميمڻ جو ڀاڻيجو ۽ اڳوڻي سيڪريٽري غلام رسول هنڱورو جو پٽ شاهزين هنڱورو ۽ ان جي گھر واري ياسمين زال غلام رسول هنڱورو جڏهن ته ٻي ڪار ۾ سوار اظهار الحسن پٽ غلا حسين آرائين ۽ رحمت الله فوت ٿي ويا جڏهن ته ٻنهي ڪارن ۾ سوار سرويچ پٽ جهانگير ڀٽي ، موسيٰ پٽ اعجاز هنڱورو، هڪ عورت سميت 4 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا ، فوتين ۽ زخمين کي گھارو اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي ٻهي زخمين جي ڳڻتي جوڳي حالت هجڻ ڪري کين ڪراچي اسپتال منتقل ڪيو ويو هوڏانهن اهو چيو پيو وڃي ته اڳوڻي سيڪريٽري غلام رسول هنڱورو جي پٽ شاهزين جي ڪجھ ڏينهن اڳ مڪلي جي رهواسي ناصر خان جي ڌيءَ سان شادي ٿي هئي ۽ هو ماءُ سان گڏ پنهنجي ڪنوار کي وٺڻ لاءِ اچي رهيو هيو ته ڌاٻيجي ويجھو روڊ جي مرمت نه ٿيڻ ڪري پيش آيل خطرناڪ روڊ حادثي سبب فوت ٿي ويو آهي جڏهن ته اهڙي ڏکوئيندڙ خبر جي مڪلي ٺٽي پهچڻ تي پڻ وڏي انگ ۾ وارث ڪنوار جي والد ناصر خان ۽ فوتي گھوٽ جي مامي شبير عرف ڪاڪا ميمڻ جي گھر پهچي ويا جتي حادثي سبب انتهائي ڏکوئيندڙ ماحول ڇانيل آهي.

وڏي وزير پاران واقعي جو نوٽيس، ڊي سي ٺٽو کان رپورٽ طلب

ٺٽو/ ڌاٻيجي : وڏي وزير سيد مراد علي شاھه پڻ ڌاٻيجي ويجهو پيش آيل خوفناڪ حادثي سبب فوت ٿي ويل گھوٽ ۽ ان جي ماءَ سميت 4 ڄڻن جي فوت ٿيڻ تي دلي صدمي جو اظهار ڪندي روڊ جي سست روي سان هلندڙ ڪم ۽ روڊ جي بند ٿيڻ تي ڪاوڙ جو ظهار ڪندي ٺٽي جي ڊي سي کان پڻ رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي . دل ڏاريندڙ واقعي جو پڻ ورڪس اينڊ سروس ۽ جيلن جي کاتي واري صوبائي وزير حاجي علي حسن زرداري دلي صدمي جو اظهار ڪندي فوتين جي پونئيرن سان ڏک ونڊيو آهي واضع رهي ته اڳوڻو ٺٽو ڪراچي قومي شاهراھ ۽ هاڻوڪو ڪراچي ٺٽو ڊيول ڪيوريج وي ( ڪي ٽي ڊي سي ) هنڌان هنڌان اکڙڻ توڙي مرمت نه ٿيڻ ڪري انتهائي خطرناڪ بڻجي ويو آهي جنهنڪري آئي ڏينهن خطرناڪ روڊ حآدثا پيش اچي رهيا آهن .