ڌاٻيجي(ن پ ا) ڌاٻيجي جي خانگي بجلي گهر مان مقامي پورهيتن کي  بيدخل ڪرڻ خلاف متاثر پورهيتن پاران ٻئي ڏينهن به ڌاٻيجي   پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي، پورهيتن امين ڪلمتي، عباس ڪلمتي، امير بخش ڪلمتي ۽ ٻين جو چوڻ هو ته ڌاٻيجي بجلي گهر ۾ ڪيترن ئي سالن کان مقامي پورهيت پورهيو ڪري رهيا هئا پر هن وقت پنجاب کان نئين آيل آفيسر تعصب جي بنياد تي مقامي پورهيتن کي بيدخل ڪري پنجاب کان ماڻهو گهرائي ڪري ڀرتي ڪري رهيو آهي، جيڪي مقامي پورهيتن سان سراسر ناانصافي آهي اسان پنهنجي زمينن، وسيلن ۽ علائقي جي قربانين تي هي ادارو برداشت ڪيو هو ته اسان جي نوجوانن کي روزگار ملندو، هنن وس واران  سنڌ حڪومت ضلعي انتظاميا ۽ لاڳاپيل ادارن کان مطالبو ڪيو ته فوري طور تي معاملي جو نوٽيس وٺي، مقامي ماڻهن جي روزگار کي يقيني بڻايو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو ڌائرو وڌايو ويندو ۽ بجلي گهر اڳيان ڌرڻو هڻي روڊ بند ڪيا ويندا.