ٺٽو (رپورٽ : اسماعيل ميمڻ) ٺٽي جي ڌاٻيجي واري اسپيشل اڪنامڪ زون ۾ مختلف چيني ڪمپنين جي وفد دورو ڪري جائزو وٺڻ سان گڏ هڪ ارب ڊالر جي لاڳت سان ميڊيڪل سٽي قائم ڪرڻ تي دلچسپيءَ جو اظهار ڪيو آهي، ان ڏس ۾ سنڌ جي وڏي وزير جي سيڙپڪاري ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي خصوصي معاون سيد قاسم نويد قمر سان گڏ چيني ڪمپنين ڪارگو، اليڪٽرونڪ گاڏين، ڀاڻ، دواسازي، فوڊ اينڊ بيوريجز، شمسي ۽ ونڊ انرجي، لائيو اسٽاڪ، زراعت ۽ ٻين شعبن جي 12 وڏين چيني ڪمپنين جي اعليٰ سطحي وفد ٺٽي جي ڌاٻيجي واري اسپيشل اڪنامڪ زون جي قيام واري هنڌ پهچي مختلف هنڌن جو معائنو ڪيو، جڏهن ته ان موقعي تي چيني وفد مقامي ڀائيوارن ۽ ڪمپني جي آفيسرن سان گڏجي گئس بدران ڪوئلي جي استعمال سان ڀاڻ ٺاهڻ جي فيڪٽري سان گڏ سولر پليٽون، سولر انويرٽرز ۽ سولر بيٽرين جا ڪارخانا قائم ڪرڻ لاءِ پڻ گهري دلچسپي ڏيکاري، جڏهن ته اجلاس ۾ سنڌ جي وڏي وزير جي خاص مددگار سيد قاسم نويد قمر چيو ته ڌاٻيجي اسپيشل اڪنامڪ زون سي پيڪ جو هڪ ترجيحي ۽ پاڪستان توڙي چين جي لازوال ۽ قابل فخر دوستي جي هڪ نمايان علامت طور منصوبو آهي، هن چيو ته چيني صدر زي ۽ پاڪستاني صدر آصف علي زرداري ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، جڏهن ته ڌاٻيجي اسپيشل اڪنامڪ زون ۾ هر قسم جي صنعتي، تجارتي ۽ رهائشي سهولتن لاءِ زمين پڻ مختص ڪئي وئي آهي، هن چيو ته سنڌ ۾ سيڙپڪاري جا پرڪشش ۽ وسيع موقعا موجود آهن، هن چيو ته ڌاٻيجي زون بندرگاهه، روڊن ۽ ريلوي نيٽ ورڪ جي لحاظ کان اهم هنڌ تي واقع آهي، ان ڪري ڌاٻيجي زون صوبي ۾ صنعتي ترقي، ٽيڪنالاجي جي منتقلي ۽ روزگار جي موقعن جي حوالي سان اهم ترين اقتصادي زون ثابت ٿيندو، ان موقعي تي ٿيل اجلاس ۾ ڌاٻيجي اسپيشل اڪنامڪ زون بابت مڪمل تعارفي وڊيو ڏيکاري وئي ۽ سنڌ جي سيڙپڪاري واري سيڪريٽري راجا خرم شهزاد ڌاٻيجي زون بابت بريفنگ ڏني، جڏهن ته اجلاس ۾  سيڪريٽري سيڙپڪاري سنڌ راجا خرم شهزاد، چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر سنڌ اڪنامڪ زون مئنيجمينٽ ڪمپني عبدالعظيم عقيلي، چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر گلوبل وينچرز ادريس جنجي ۽ سنڌ سيڙپ کاتي جا اعليٰ آفيسر موجود هئا، جڏهن ته  اجلاس جي آخر ۾ سيد قاسم نويد قمر پاران چيني وفد جي ميمبرن کي يادگاري شيلڊون پڻ پيش ڪيون ويون.