ڦل (ن پ ا) اڳوڻو ضلع ناظم نوشهروفيروز ۽ جي ڊي اي اڳواڻ مسرور جتوئي ڦل ۾ خالد ميمڻ، ضمير ميمڻ، سهيل ميمڻ، حاجي پٺاڻ مري، محمد ايوب مري، محمد مٺل کوسو، غلام رسول سومرو، امجد سومرو ۽ ٻين سان تعزيت ڪئي، مسرور جتوئي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جتوئي خاندان سياست کي عبادت سمجهي عوام جي خدمت ڪندو پيو اچي ۽  عوام سان هر مسئلي تي گڏ آهي، هن چيو ته موجودهه حڪومت ڌانڌلي جي پيداوار آهي، جيڪا تمام جلد ختم ٿي ويندي، جڏهن ته اسان حق سچ جو علم کنيو بيٺا آهيون ۽ فتح حق سچ جي ٿيڻي آهي.