هالا(ن پ ا) جيئي سنڌ تحريڪ جي کاهوڙي اڳواڻ، اديب، شاعر،لطيف جي پارکو شهيد عرفان مهدي جي 31 هين ورسي سندس اباڻي ڳوٺ هالا پراڻا ۾ شهيد عرفان مهدي يادگار ڪميٽي پاران  محرم الحرام جي سبب سادگي سان ملهائي ويئي. ورسي تقريب ۾ عرفان مهدي جي نياڻي ايڊوڪيٽ حيا مھدي، ڀائرن رئيس مسعود مهدي، نديم مهدي جيئي سنڌ تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري سورھ سنڌي جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جسقم جي سينئر اڳواڻ سرفراز ميمڻ، جسقم جي مرڪزي پريس سيڪريٽري ديدار شام، علي رضا خاصخيلي، منور شيخ رواداري تحريڪ جي پنهل ساريو ايڊوڪيٽ محب آزاد جست اڳواڻ انور بڙدي جسقم اڳواڻ عنايت چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. اڳواڻن چيو ته ڪي ماڻهون شھر  جي سڃاڻپ هوندا آهن ته  ڪي وري شهرن جي سڃاڻپ هوندا آهن. هنن چيو ته موجوده وقت ۾ سنڌ خطرن ۾ گهيريل آهي افغانين سميت لکين ڌارين کي سنڌ ۾ آباد ڪري سنڌين جو معاشي قتل عام ڪيو پيو وڃي سنڌ کي مذهبي بنياد پرستي جي ور چاڙهيو ويو آهي سنڌ جو ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاري رهيو آهي ان وقت فڪر سيد تي عمل ڪرڻ سان سنڌ آزاد ۽ خوشحال ٿي سگهي ٿي. اڳواڻن وچن ڪيو ته شهيد عرفان مهدي جي خواب کي ساڀيان بڻائڻ لا۽ جدوجهد جاري رهندي.