ميرپور ساڪرو (ن پ ا) پيپلز پارٽي طرفان سنڌ جون لکين ايڪڙ زمينون غير ملڪي ملٽي نيشنل ڪمپنين ۽ قبضاگيرن کي ڏيڻ، سنڌو درياءَ جو پاڻي پنجاب جي حوالي ڪرڻ ۽ سردارن جي سرپرستي ۾ قائم ڌاڙيل راڄ خلاف ۽ سنڌ مان ڌارين جي نيڪالي لاءِ عوامي تحريڪ طرفان اعلانيل عوامي سجاڳي مھم جي سلسلي ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻن ۽ ميرپور ساڪرو سميت مختلف ڳوٺن جو دورو ڪيو. سوشل ھائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته سنڌ جي زمينن ۽ وسيلن تي قبضا ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ بدامني ۽ لاقانونيت جي باهه ٻاري وئي آھي. ملڪ جا حڪمران سنڌي عوام کي بدامني جي اوڙاھ ۾ اڇلي، سنڌ جي وسيلن کي نيلام ڪري رھيا آھن. سنڌي عوام کي منظم ٿي پرامن جدوجھد وسيلي سنڌ مان ڌارين کي نيڪالي ڏئي سنڌ جي زمينن ۽ وسيلن جي مالڪي ڪرڻي پوندي. عوامي تحريڪ طرفان 17 سيپٽمبر تي ٺٽي شھر ۾ ھزارين عورتن، ٻارڙن، ٻڍن ۽ نوجوانن جي ريلي ڪڍي ويندي. جنھن ۾ سنڌ جي گھڻ گھرن کي شرڪت جو سڏ ڏيون ٿا.