حيدرآباد (بيورو رپورٽ) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آھي ته پنجاب ۽ ٻين صوبن ۾ غير قانوني افغانين خلاف آپريشن نظر اچي ٿو. لکين افغاني واپس ٿي چڪا آھن ۽ سنڌ ۾ اڃا تائين 500 افغاني به گرفتار ناھن ڪيا ويا. سنڌ ۾ آپريشن جي نالي ۾ ڊرامو ڪيو پيو وڃي. سنڌ ۾ لکين غير قانوني افغاني ۽ ٻين پرڏيھين کي شناختي ڪارڊ ۽ ٻيا ڪاغذ ٺاھي ڏيندڙ عملدارن کي گرفتار ڪري انھن کي نوڪرين مان خارج ڪيو وڃي. هن چيو ته رشوت ڏئي جعلسازي سان شناختي ڪارڊ ۽ ٻيا ڪاغذ ٺھرائيندڙ اليگل اميگرينٽس کي پڪڙي واپس پنھنجي ملڪن ڏانھن موڪليو وڃي. هن چيو ته ڪرپٽ مافيا سنڌ جي وسيلن ۽ وحدت کي داءُ تي لڳائي ڇڏيو آھي. لکين ايڪڙ زمين بلڊر مافيا جي قبضي ۾ آھي. ڪڏھن ڪارونجھر، ڪڏھن ڪوھستان، ڪڏھن ساحلي پٽي، ڪڏھن ٻيٽ وڪرو ڪيا وڃن ٿا. هن چيو ته پيپلزپارٽي جي گذريل حڪومت ۾ ترقياتي ڪمن جي نالي ۾ اربين رپيا خرچ ڪيا ويا آھن پر سنڌ ۾ ھڪ به اھڙي يونين ڪائونسل ناھي جيڪا ماڊل ھجي ۽ سموريون بنيادي سھولتون ھجن. هن چيو ته سنڌ ۾ 18 ضلعن ۾ ماڻھن کي گٽر مليل پيئڻ جو پاڻي فراھم ڪيو وڃي ٿو. شھر ڪچري جو ڍير ۽ ٻھراڙيون کنڊر بنيل آھن.