ملير ( رپورٽر) پي ڊي ايم سنڌ جي صدر ۽ جمعيت علماءِ اسلام سنڌ جي جنرل سيڪريٽري راشد محمود سومرو چيو آهي ته نااهل وزيراعظم جي ڪري ملڪي سالميت خطري هيٺ آهي، سنڌ حڪومت جي ڪرپشن سبب سڄي سنڌ موهن جي دڙي ۾ تبديل  ٿي وئي آهي، سنڌ ۾ ترسيل ڌارين کي نيڪالي ڏيڻ لاءِ سنڌ حڪومت جنگي بنيادن تي بندوبست ڪري، 29 آگسٽ تي ڪراچي ۾ ٿيندڙ پي ڊي ايم جلسو وفاق ۽ سنڌ حڪومت خلاف ريفرنڊم ثابت ٿيندو، اهڙن خيالن جو اظهار هن ملير پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو، راشد محمود سومرو چيو ته وزيراعظم عمران خان جي غلط پاليسين سبب پوري دنيا ۾ پاڪستان اڪيلو رهجي ويو آهي، هن چيو ته سنڌ سميت پاڪستان ۾ ترسيل 40 لک کان وڌيڪ افغان پناهگيرن کي پنهنجي وطن وڃڻ گهرجي، سنڌ پناهگيرن جو وڌيڪ بار برداشت نٿي ڪري سگهي، سنڌ مان نڪرندڙ گئس ۽ تيل جي رائلٽي وفاق روڪي آئين سان مذاق ڪئي آهي. هن چيو ته بحريا ٽائون ڀڃ ڊاهه جا قومپرست قيادت مٿان وڌيڪ ٽي ڪيس داخل ڪرڻ جي سخت مذمت ڪيون ٿا، مون اڳ ۾ چيو هو ته قومپرست قيادت مٿان داخل سمورا ڪيس ڪوڙا ۽ هٿ ٺوڪيا آهن،  هن چيو ته 29 آگسٽ ڪراچي ۾ ٿيندڙ حقوق سنڌ جلسو پاڪستاني عوام جي نمائندا جلسو هوندو جيڪو سليڪٽيڊ حڪمرانن جي اقتدار جي تابوت ۾ آخري ڪوڪو ثابت ٿيندو، جلسي ۾ جي يو آءِ جو قائد مولانا فضل الرحمان اهم اعلان ڪندو ۽ 29 آگسٽ جو جلسو ڪراچي جي تاريخي جلسن مان سڀ کان وڏو جلسو ثابت ٿيندو،