حيدرآباد (بيورو رپورٽ) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، ايڊووڪيٽ اسماعيل خاصخيلي ۽ نور نبي پليجي پنھنجي بيان ۾ چيو آھي ته ڪراچي بدامني ڪيس ۾ پيش ڪيل ثبوتن جي آڌار تي ملڪ جي اعليٰ عدالت اھو واضح فيصلو ڏنو ھو ته سنڌ ۾ رھندڙ لکين افغانين سميت ٻيا غير ملڪي دھشتگردي، بدامني، لاقانونيت، قبضن، منشيات فروشي، جديد ھٿيارن جي ڪاروبار ۽ خودڪش حملن ۾ ملوث ۽ پاڪستان جي سالميت لاءِ خطرو آھن جن کي واپس پنھنجن ملڪن ڏانھن موڪليو وڃي. اعليٰ عدالت جي ان حڪم تي ان وقت جي وفاقي توڙي صوبائي حڪومتن ڪوبه عمل نه ڪيو. ھاڻي جڏھن نگران حڪومت پاڪستان جي سلامتيءَ لاءِ خطرو بڻيل لکين غير ملڪين کي واپس موڪلڻ جو فيصلو ڪيو آھي ته ان فيصلي تي عمل درآمد ڪرڻ ۾ رڪاوٽون وجھڻ لاءِ نام نهاد انساني حقن جي تنظيمن سميت پيپلزپارٽي ۽ مذھبي جماعتن انھن ڪرمنل ڏوھارين، خودڪش بمبارن ۽ ملڪ لاءِ خطرو بڻيل دھشتگردن جي انساني حقن جي آڙ ۾ حمايت ڪرڻ لاءِ ميدان ۾ آيون آھن.