پٽنا (انٽرسٽنگ نيوز) ڀارت ۾ هن سال به هڪ منفرد مقابلو منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ ڌئونرو (ڏهي) کائڻ تي شهرين کي مختلف انعامن سان نوازيو ويو. ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب پٽنا شهر ۾ گذريل 11 سالن کان ڌئونرو کائڻ جو دلچسپ مقابلو منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ 500 کان وڌيڪ شهرين حصو ورتو. ڌئونرو کائڻ جي مقابلي ۾ شهرين کي 3 منٽن اندر 3 ڪلو ڌئونرو کائڻو هوندو آهي، اهو مقابلو پٽنا جي ڊيري آرگنائزيشن منعقد ڪرائيندي آهي، ان ۾ 3 ڪيٽيگريز (مرد، عورتون ۽ ٻڍڙا) شامل هونديون آهن. ڀارتي ميڊيا موجب اجي ڪمار مردن جي ڪيٽيگري ۾ مقابلو کٽي ورتو، هن 3 منٽن ۾ 3.42 ڪلو ڌئونرو کائي مقابلو  کٽي ورتو، جڏهن ته عورتن ۾ اهڙو مقابلو پريما تيواري پنهنجي نانءِ ڪيو.  اهو واضح نه ٿيو ته کٽندڙ ماڻهن کي انعام رقم ڪيتري ڏني ويندي آهي. رپورٽن موجب پٽنا جي ڊيري آرگنائيزيشن 2012ع کان اهو مقابلو ڪرائي رهي آهي جنهن جو مقصد شهرين کي صحت لاءِ ڌئونري جي اهميت ٻڌائڻ آهي.