ڊگهڙي(ن پ ا) باءِ پاس تي ڪار جي ٽڪر ۾ نينگر فوت خبر موجب شهر جي باء پاس روڊ تي تيز رفتار ڪار جو روڊ ڪراس ڪندڙ نينگر کي ٽڪر جنهن جي نتيجي ۾ مير جان محمد ڪالوني جو رهواسي 12 ورهين جو پريم ولد ٿانور ميگهواڙ ٿڏي تي فوت ٿي ويو فوتي جي مڙهه کي تعلقه اسپتال ڊگهڙي منتقل ڪيو ويو ضروري ڪاروائي بعد مڙه کي وارثن حوالي ڪيو ٻئي پاسي ڊگهڙي پوليس ڪار کي ڊرائيور سميت پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.