ڊگھڙي (ن پ ا) ڊگھڙي ڀرسان ڳوٺ ديهه151 ۾ دين ٽرسٽ انٽرنيشنل طرفان ٻوڏ سبب تباھ ٿيل گھرن جي بحالي لاءِ نوان گھر ٺاھي چاٻيون مالڪن حوالي ڪيون ويون، جنھن جو افتتاح محمد علي دين ۽ ڊونر مشھور گلوڪار رحيم شاهه ڪيو، ان موقعي تي گلوڪار رحيم شاهه ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته اسان سڀ پاڪستاني آھيون، اسان سڀني کي بنا ڪنهن ذات، مذھب جو فرق رکندي غريب ماڻھن جي خدمت ڪرڻ گھرجي، هن چيو ته ڏيڍ سئو گهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪيو هو جن مان 50 گهر تيار ڪري متاثرن حوالي ڪيا آهن، ھن چيو تـ پاڪستان مان وياج ختم ٿي وڃي ته اسان سڀني جي حالت بدلجي ويندي، وياج الله ۽ رسول سان جنگ آھي، جيڪا اسانجي ملڪ جي تباھي جو سبب آھي.