ڊگهڙي(ن پ ا) ڊگهڙي جي الهه آباد ڪالوني ۾ نوجوان امتياز علي ولد الطاف سومرو جو گهر مان ڦاهو لڳل لاش هٿ آيو آهي، اطلاع تي ڊگهڙي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کي تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪيو، رابطو ڪرڻ تي ڊگهڙي پوليس ٻڌايو ته لاش تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، ٻئي پاسي علائقي ۾ چوٻول هلندڙ آهن ته نوجوان گهرو اڻبڻت تان خودڪشي ڪئي آهي.